نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ دوشنبي جو دورو، اعلى سطحي ملاقاتون، علائقائي استحڪام ۽ پائيدار معاشي ترقي جي لاءِ مضبوط گهڻ رخي تعاون جي اهميت تي زور

اسلام آباد - 20 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 19 ۽ 20 آڪٽوبر 2026ع تي دوشنبي تاجڪستان جو دورو ڪيو، هن شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن سان گڏ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات …

اسلام آباد – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 19 ۽ 20 آڪٽوبر 2026ع تي دوشنبي تاجڪستان جو دورو ڪيو، هن شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن سان گڏ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايس سي او جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي، جيڪي محدود (صرف ميمبر ملڪن جي لاءِ مخصوص) ۽ توسيعي (گهرايل مهمانن جي شرڪت) ٻنهي فارميٽس ۾ منعقد ٿيا. اجلاسن ۾ بيلاروس، چين، قازقستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي وزيراعظمن، ايران جي نائب صدر، ڪرغزستان جي ڪابينا جي وزيرن جي اول نائب چيئرمين، ڀارت جي دفاع واري وزير ۽ تاجڪستان پاران گهرايل مهمانن، جن ۾ منگوليا جو پهريون نائب وزيراعظم ۽ معيشت ۽ ترقي وارو وزير ۽ ترڪمانستان جي ڪابينا جو نائب چيئرمين شامل هئا، شرڪت ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ايس سي او جي اجلاسن کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي اسپرٽ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ يوريشيا جي معاشي انضمام کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ حڪمت عملي پيش ڪئي. هن ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ وسيع تر يوريشيا کي ڳنڍيندڙ قدرتي جاگرافيائي پُل جي طور تي پاڪستان جي اهم حيثيت تي زور ڀريو. گڏيل اعتماد، خودمختيار برابري ۽ اتفاق راءِ تي ٻڌل فيصلاسازي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي هن علائقائي استحڪام ۽ پائيدار معاشي ترقي جي لاءِ مضبوط گهڻ رخي تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ايس سي او حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٻين ملڪن جي هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪيون، جن ۾ تاجڪستان جو پرڏيهي وزير سراج الدين مهرالدين پڻ شامل هو.