اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي)مالديپ جو صدر ڊاڪٽر محمد معيزو ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. اڱاري ڏينهن اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچڻ تي وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري ۽ مملڪتي وزير وجيهه قمر معزز مهمان جي آجيان ڪئي جڏهن ته روايتي لباس پاتل ٻارن مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو کي گل پيش ڪيا. مالديپ جي خاتون اول ساجده محمد ۽ ڪابينا جي وزيرن …
مالديپ جو صدر ڊاڪٽر محمد معيزو سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي)مالديپ جو صدر ڊاڪٽر محمد معيزو ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. اڱاري ڏينهن اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچڻ تي وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري ۽ مملڪتي وزير وجيهه قمر معزز مهمان جي آجيان ڪئي جڏهن ته روايتي لباس پاتل ٻارن مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو کي گل پيش ڪيا. مالديپ جي خاتون اول ساجده محمد ۽ ڪابينا جي وزيرن سميت اعليٰ سطح جو وفد به ساڻس گڏ آهي. مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. مالديپ جو صدر دوري دوران صدر مملڪت آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڌار ۽ وفدن جي سطح تي به ڳالهيون ڪندو. ٻئي اڳواڻ واپار، سيڙپڪاري، صحت، تعليم، سياحت، زراعت، دفاع، بحري سلامتي ۽ موسمياتي تبديلي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جو جائزو وٺندا ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. دوري دوران پاڪستان مالديپ بزنس فورم منعقد ڪيو ويندو جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جا نوان موقعا ڳولڻ آهي. ان موقعي تي ٻطرفي تعاون جي مختلف شعبن ۾ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون به متوقع آهن. مالديپ جي ڪنهن صدر جو 11 سالن کانپوءِ پاڪستان جو اهو پهريون سرڪاري دورو آهي جنهن کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ 1966ع ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 60 هين سالگرهه جي روشني ۾ خصوصي اهميت حاصل آهي. پاڪستان ۽ مالديپ گڏيل مذهبي قدرن، گڏيل احترام، پراڻي خيرسگالي ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن تي ويجهي تعاون تي ٻڌل دوستاڻا ڀائراڻا لاڳاپا رکن ٿا. هي دورو ٻنهي ملڪن طرفان ٻطرفي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي آهي.











