سينيٽ چيئرمين پاران ملتان جي بوسن روڊ تي ٽريفڪ حادثي ۾ 5 ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ملتان جي بوسن روڊ تي ٽريفڪ حادثي ۾ 5 نوجوانن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته 5 نوجوانن جو اوچتو موت انهن جي گهرڀاتين لاءِ هڪ وڏو سانحو ۽ پوري برادري لاءِ هڪ انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي. سينيٽ چيئرمين سوڳوار خاندانن سان دلي …

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ملتان جي بوسن روڊ تي ٽريفڪ حادثي ۾ 5 نوجوانن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته 5 نوجوانن جو اوچتو موت انهن جي گهرڀاتين لاءِ هڪ وڏو سانحو ۽ پوري برادري لاءِ هڪ انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي. سينيٽ چيئرمين سوڳوار خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته هو ان ڏک جي گھڙي ۾ انهن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. سينيٽ چيئرمين،  دعا ڪئي ته الله تعاليٰ فوت ٿيل نوجوانن جي مغفرت فرمائيِ، انهن کي جوار رحمت جي جاءِ ڏئي ۽ درجن جي بلندي ڪري ۽ پوئينرن کي اهو ناقابل تلافي نقصان برداشت ڪرڻ لاءِ صبر ۽ همت ڏئي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قيمتي انساني جانين جي تحفظ ۽ اهڙن افسوسناڪ حادثن جي روڪٿام لاءِ ٽريفڪ قانونن تي سختي سان عملدرآمد ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ  ضروري آهن.