اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ملتان ۾ 15 ورهين جي وسيم عباس جي قتل تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جي شفاف ۽ غير جانبدار جاچ يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سينيٽ چيئرمين سوڳوار ڪٽنب سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جوار رحمت جي جاءِ عطا فرمائي ۽ گهرڀاتين کي …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران ملتان ۾ 15 ورهين جي وسيم عباس جي قتل جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ملتان ۾ 15 ورهين جي وسيم عباس جي قتل تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جي شفاف ۽ غير جانبدار جاچ يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سينيٽ چيئرمين سوڳوار ڪٽنب سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جوار رحمت جي جاءِ عطا فرمائي ۽ گهرڀاتين کي اهو ناقابل تلافي نقصان برداشت ڪرڻ جو حوصلو ڏئي. هن چيو ته ٻارن خلاف تشدد جا واقعا انتهائي پريشان ڪندڙ آهن ۽ انهن جي زندگي، عزت ۽ بنيادي حقن جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. واقعي جي حقيقت آڏو آڻڻ ۽ قانون موجب انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ شفاف جاچ ضروري آهي. سيد يوسف رضا گيلاني يتيم خاندان ۾ رهندڙ ۽ فني تربيت حاصل ڪندڙ ٻارن سميت سماج جي ڪمزور طبقن سان تعلق رکندڙ ٻارن جي تحفظ جا قدم وڌيڪ موثر بڻائڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته ٻارن کي تشدد، بدسلوڪي ۽ استحصال کان محفوظ رکڻ ۽ هر ٻار لاءِ محفوظ ماحول جي فراهمي لاءِ موثر حفاظتي قدمن کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي.











