پاڪستان ۽ قطر پاران اندروني سلامتي ۽ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق

دوحه-20 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قطر اندروني سلامتي، امن امان جي قيام ۽ سيڪيورٽي سان لاڳاپيل شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي مڪمل اتفاق ڪيو آهي. گهرو وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب هي اتفاق راءِ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ قطر جي گهرو وزير ۽ اندروني سلامتي فورس (لخويه) جي ڪمانڊر شيخ خليفا بن حمد بن خليفا الثاني …

دوحه-20 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قطر اندروني سلامتي، امن امان جي قيام ۽ سيڪيورٽي سان لاڳاپيل شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي مڪمل اتفاق ڪيو آهي. گهرو وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب هي اتفاق راءِ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ قطر جي گهرو وزير ۽ اندروني سلامتي فورس (لخويه) جي ڪمانڊر شيخ خليفا بن حمد بن خليفا الثاني وچ ۾ دوحه ۾ ٿيل هڪ اهم ملاقات ۾ طئي ٿيو. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي گهرو وزيرن گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻنهي وزارتن وچ ۾ اداراجاتي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ اندروني سيڪيورٽي جي شعبي ۾ ڊگهي مدي واري ڀائيواري کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي خطي جي موجوده صورتحال ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام سان لاڳاپيل معاملا پڻ غور هيٺ آيا. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اندروني سلامتي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻنهي ڀائر ملڪن جي لاڳاپيل ادارن وچ ۾ گڏيل تعاون، تجربن جي مٽاسٽا ۽ ڀائيواري کي وڌيڪ فعال ۽ اثرائتو بڻايو ويندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستان ۽ قطر خطي ۾ پائيدار امن، خوشحالي ۽ استحڪام جي گڏيل هدفن لاءِ ويجهي هم آهنگي سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. قطر جي گهرو وزير شيخ خليفا بن حمد بن خليفا الثاني ان موقعي تي چيو ته قطر پاڪستان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ سلامتي جي شعبن سميت سمورن گڏيل معاملن ۾ تعاون کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جو خواهشمند آهي.