اسلام آباد/ سيئول-20 آڪٽوبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ڏکڻ ڪوريا جي گادي واري هنڌ سيئول ۾ منعقد عالمي ڊجيٽل اي آءِ سمٽ جي موقعي تي اهم عالمي ٽيڪنالاجي اداري ڊيلٽا ايڪس جو دورو ڪيو ۽ ڪمپني جي اعليٰ اختيارين سان اهم ملاقات ڪئي. آءِ ٽي واري وزارت مان جاري بيان مطابق ملاقات دوران پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ۽ …
آءِ ٽي واري وفاقي وزير جو سيئول ۾ ڊيلٽا ايڪس جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد/ سيئول-20 آڪٽوبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ڏکڻ ڪوريا جي گادي واري هنڌ سيئول ۾ منعقد عالمي ڊجيٽل اي آءِ سمٽ جي موقعي تي اهم عالمي ٽيڪنالاجي اداري ڊيلٽا ايڪس جو دورو ڪيو ۽ ڪمپني جي اعليٰ اختيارين سان اهم ملاقات ڪئي. آءِ ٽي واري وزارت مان جاري بيان مطابق ملاقات دوران پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ۽ جديد ڊجيٽل مارڪيٽنگ کي هٿي وٺرائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ عالمي ٽيڪ ادارن وچ ۾ ڀائيواري کي وسعت ڏئي ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ڪري سگهجي ٿو. وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت پاڪستاني نوجوانن کي عالمي معيار جي مصنوعي ذهانت ۽ جديد ڊجيٽل مهارتن سان آراسته ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، جنهن جو مقصد باصلاحيت افرادي قوت کي عالمي مارڪيٽ جي تقاضائن مطابق بڻائڻ آهي. هن چيو ته سيئول ۾ عالمي ٽيڪنالاجي اڳواڻن سان ٿيل ملاقاتون ۽ مشاورت پاڪستان ۾ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي مضبوطي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ثابت ٿيندي.











