اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هڪ نڪاتي ايجنڊا تي اسان سان گڏ ويهي اتفاق راءِ پيدا ڪري، هڪ ٻئي خلاف نفرت جو ماحول پيدا ڪرڻ سان ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو، سياسي ورهاست ۽ طاقت جي استعمال لاءِ ملڪ کي داءُ تي نه لڳايو، …
مخالف ڌر ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هڪ نڪاتي ايجنڊا تي اسان سان گڏ ويهي اتفاق راءِ پيدا ڪري، هڪ ٻئي خلاف نفرت جو ماحول پيدا ڪرڻ سان ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هڪ نڪاتي ايجنڊا تي اسان سان گڏ ويهي اتفاق راءِ پيدا ڪري، هڪ ٻئي خلاف نفرت جو ماحول پيدا ڪرڻ سان ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو، سياسي ورهاست ۽ طاقت جي استعمال لاءِ ملڪ کي داءُ تي نه لڳايو، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ، سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ سيڙپڪارن لاءِ پرامن ماحول آڻڻ ضروري آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ به هڪ چئلينجنگ صورتحال آهي. ڪهڙن ڪهڙن ملڪن جون ايجنسيون بي ايل اي کي مالي مدد فراهم ڪري رهيون آهن ۽ انهن کي دنيا جا جديد ترين هٿيار فراهم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته خيبر پختونخوا مسئلن جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، اتي وسيلا نه آهن، خيبرپختونخواهه ۾ 12 ضلعن ۾ قائم ڪائونسل ۾ بزرگن کي به شامل ڪيو ويو آهي. ڪائونسل ۾ سٺي شُهرت ۽ تجربي وارن ماڻهن کي شامل ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت وٽ ڪامياب ٿيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. اتي انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو پيو وڃي. ڀارت افغانستان ذريعي هتي دهشتگردن جي مدد ڪري رهيو آهي. خيبر پختونخواهه ۾ مستقل امن قائم ڪيو ويندو ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون، جنهن کان پوءِ اتي ترقي جو عمل شروع ڪيو ويندو. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته بلوچستان حڪومت دهشتگردن خلاف ڪاررواين ۾ پنهنجي سيڪيورٽي ادارن جي مڪمل مدد ڪري رهي آهي ۽ انهن سان گڏ اڳيان بيٺي آهي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته مان مخالف ڌر کي دعوت ڏيان ٿو ته اسان سان گڏ ويهن ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي هڪ نڪاتي ايجنڊا تي اتفاق راءِ ڪن ڇاڪاڻ ته هي ملڪ جي سلامتي ۽ بقا جو معاملو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي 12 سالن جي حڪمراني دوران دهشتگردي جو خاتمو نه ڪري سگهي. فوج ۽ پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جا لاش انهن جي گهرن ڏانهن وڃي رهيا آهن ۽ هي رستن تي انڊر 19 راند کيڏي رهيا آهن. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته معدنيات جي حوالي سان اها پارٽي الزام لڳائي رهي آهي جيڪا پاڻ دهشتگردي جو شڪار آهي، مولانا فضل الرحمان جي پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن به دهشتگردي ۾ پنهنجون جانيون ڏنيون، اهي به اسان سان گڏ ويهي دهشتگردي خلاف اتفاق راءِ پيدا ڪن. هن چيو ته معدنيات جي حوالي سان ڪنهن ٻئي ملڪ تي الزام لڳائڻ پي ٽي آءِ باني جي سائفر وانگر سائفر ٻه آهي. هن چيو ته جيڪڏهن معدنيات ڪڍڻ لاءِ عالمي ڪمپنيون اسان سان ڪو معاهدو ڪن ٿيون ته اهي اتي جي مقامي آبادي جي صحت جو به خيال رکن ٿيون. هن چيو ته چئني صوبن ۾ الله تعاليٰ اسان کي بي شمار نعمتن سان نوازي رکيو آهي، سياسي ويڇي ۽ طاقت جي استعمال لاءِ ملڪ کي داءُ تي نه لڳايو، هڪٻئي سان نفرت جو ماحول پيدا ڪرڻ سان ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو.











