اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي انفارميشن سيڪريٽري نوابزاده افتخار احمد خان، پيپلزپارٽي پنجاب ڪائونسل جي ميمبر ۽ اميدوار تڪ پي پي 271 ميان نويد اصغر مڪول ۽ نوابزاده عدنان احمد خان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ امڪاني مڪاني چونڊن ۽ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي انفارميشن سيڪريٽري نوابزاده افتخار احمد خان، پيپلزپارٽي پنجاب ڪائونسل جي ميمبر ۽ اميدوار تڪ پي پي 271 ميان نويد اصغر مڪول ۽ نوابزاده عدنان احمد خان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ امڪاني مڪاني چونڊن ۽ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين سياسي صورتحال ۽ متوقع مڪاني چونڊن جي حوالي سان تفصيلي خيالن جو اظهار ڪندي جمهوري عمل جي تسلسل ۽ مقامي سطح تي عوامي مسئلن جي حل لاءِ بلدياتي ادارن جي اهميت اجاگر ڪئي. سينيٽ چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي جي سياسي ڪردار ۽ اهميت کي نظر ۾ رکندي پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن تي زور ڀريو ته هو ايندڙ وقت جي اهميت کي سمجهندي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هن عوام سان اثرائتي رابطي، عوامي مسئلن جي حل ۽ جمهوري قدرن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪارڪنن جي فعال شموليت کي اهم قرار ڏنو.











