اسلام آباد/سيئول-20 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ورلڊ بئنڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ٻطرفي ڀائيواري کي مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، جڏهن ته ورلڊ بئنڪ پاڪستان ۾ ڊجيٽل سڌارن ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ حڪومتي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب هي اڳڀرائي انفارميشن …
پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ پاران آءِ ٽي ۽ ڊجيٽل معيشت جي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ڀائيواري مضبوط بڻائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد/سيئول-20 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ورلڊ بئنڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ٻطرفي ڀائيواري کي مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، جڏهن ته ورلڊ بئنڪ پاڪستان ۾ ڊجيٽل سڌارن ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ حڪومتي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب هي اڳڀرائي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه جي ڏکڻ ڪوريا جي دوري دوران ورلڊ بئنڪ جي نائب صدر عثمان ڊيون (Ousmane Dione) سان ٿيل هڪ اهم ملاقات ۾ سامهون آئي. ملاقات دوران پاڪستان ۾ ڊجيٽل معيشت کي هٿي ڏيڻ، اي گورننس جي عملدرآمد ۽ آءِ ٽي انفراسٽرڪچر جي مضبوطي لاءِ جاري ۽ تجويز ڪيل منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي ورلڊ بئنڪ جي نائب صدر ملڪ ۾ جاري ڊجيٽل سڌارن ۽ آءِ ٽي سيڪٽر ۾ حڪومتي اڳڀرائي کي ساراهيندي لاڳاپيل پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪيو. عالمي بئنڪ طرفان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ نوجوانن کي ڊجيٽل هنر (Digital Skills) سان ليس ڪرڻ ۽ فري لانسنگ شعبي کي وڌائڻ لاءِ ٽيڪنيڪل ۽ مالي مدد جو سلسلو جاري رکيو ويندو ته جيئن ملڪي معيشت کي مستحڪم ۽ نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهجن. ٻنهي اڳواڻن آئي ٽي ۽ ٽيليڪام شعبن ۾ ڊگهي مدي واري ۽ اثرائتي تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ تي پڻ مڪمل اتفاق ڪيو.











