اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته اترئين علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ صبح ۽ رات جي وقت ۾ موسم ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي اڪثر علائقن تي خشڪ هوائون موجود آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، اترئين علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته اترئين علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ صبح ۽ رات جي وقت ۾ موسم ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي اڪثر علائقن تي خشڪ هوائون موجود آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهي، جڏهن ته اترئين علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ ٿڌ رهي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد مٺي 41، ٺٺو، حيدرآباد، سڪرنڊ، ميرپورخاص، ٽنڊو ڄام، پڊعيدن ۽ لسٻيلو ۾ 39 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.










