بلوچستان لاءِ گذريل سال مليل 164 ارب روپين مان 116 ارب روپيا ترقياتي منصوبن تي خرچ ڪيا ويا: عبدالعليم خان

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته گذريل سال بلوچستان ۾ عوامي شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت مليل 164 ارب روپين مان 116 ارب روپيا مختلف ترقياتي منصوبن تي خرچ ڪيا ويا جڏهن ته هڪ روڊ منصوبي تي اٽڪل 100 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا. اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ مختلف سوالن جي جواب ۾ وفاقي وزير ٻڌايو ته گذريل سال مواصلات واري …

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته گذريل سال بلوچستان ۾ عوامي شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت مليل 164 ارب روپين مان 116 ارب روپيا مختلف ترقياتي منصوبن تي خرچ ڪيا ويا جڏهن ته هڪ روڊ منصوبي تي اٽڪل 100 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا. اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ مختلف سوالن جي جواب ۾ وفاقي وزير ٻڌايو ته گذريل سال مواصلات واري وزارت جي منصوبن لاءِ 224 ارب روپيا مختص ڪيا ويا هئا جڏهن ته پڄاڻي جي ويجهو ۽ تجويز ڪيل 66 منصوبن جي مجموعي لاڳت اٽڪل 3 هزار ارب رپيا آهي، هن چيو ته بلوچستان ۾ مختلف ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي ۽ انهن جا تفصيل لاڳاپيل سينيٽرز کي فراهم ڪيا ويا آهن، امن امان جي صورتحال سبب هڪ روڊ جي حصي تي ڪم ۾ دير ٿي پر وزارت ڪنهن به مخصوص منصوبي جي حوالي سان وڌيڪ معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وفاقي وزير اين 25 شاهراهه جو حوالو ڏيندي چيو ته ان منصوبي جي لاڳت 400 ارب روپيا آهي ۽ ان تي اڳڀرائي جاري آهي، اميد آهي ته شاهراهه 2027ع جي پڄاڻي يا 2028ع جي شروع تائين مڪمل ٿي ويندي. هن چيو ته حڪومت رستن جي منصوبن بابت سينيٽرز جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ لاڳاپيل منصوبن جا تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.