نيشنل هاءِ ويز ۽ موٽر وي پوليس ۾ سمورن صوبن سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي نمائندگي موجود آهي: عبدالعليم خان

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته نيشنل هاءِ ويز ۽ موٽر وي پوليس ۾ سمورن صوبن سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي نمائندگي موجود آهي جڏهن ته ترقين جو عمل منظور ٿيل پوسٽن جي انگ مطابق مڪمل ڪيو ويو آهي. اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر شهادت حسين اعواڻ جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته کاتي جي …

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته نيشنل هاءِ ويز ۽ موٽر وي پوليس ۾ سمورن صوبن سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي نمائندگي موجود آهي جڏهن ته ترقين جو عمل منظور ٿيل پوسٽن جي انگ مطابق مڪمل ڪيو ويو آهي. اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر شهادت حسين اعواڻ جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته کاتي جي رڪارڊ موجب هر صوبي ۽ علائقي جا آفيسر ۽ اهلڪار موٽر وي پوليس ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته موٽر وي پوليس ۾ وردي وارن آفيسرن ۽ اهلڪارن جو ڪل انگ 7,930 آهي، جن ۾ پنجاب مان 3,927، خيبر پختونخوا مان 1396، بلوچستان مان 1,124، سنڌ مان 1,116، آزاد ڄمون ڪشمير مان 150، اسلام آباد مان 113 ۽ گلگت بلتستان مان 104 اهلڪار شامل آهن. وفاقي وزير موجب کاتي ۾ غير وردي وارن ملازمن جو انگ 2,924 آهي، جن ۾ پنجاب جا 1,229، خيبر پختونخوا جا 542، سنڌ جا 468، بلوچستان جا 460، اسلام آباد جا 98، گلگت بلتستان جا 97 ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جا 30 ملازم شامل آهن. هن ضمني سوال جي جواب ۾ چيو ته هو ڪنهن صوبي کي نمائندگي کان محروم رکڻ يا موجوده انتظام کي غير قانوني قرار ڏيڻ جي دعويٰ کي هو نٿو سمجهي، ڇاڪاڻ ته کاتي جا انگ اکر سڀني صوبن ۽ علائقن جي نمائندگي ظاهر ڪن ٿا. عبدالعليم خان وڌيڪ چيو ته ترقيون منظور ٿيل پوسٽن جي ڪل انگ مطابق ڪيون ويون آهن ۽ ايندڙ پوسٽن تي ترقي يافته آفيسرن کي ان مطابق مقرر ڪيو ويو آهي.