پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي، 100 انڊيڪس 814 پوائنٽس گهٽجي ويو

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 814.44 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 1 لک 65 هزار 151.64 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري سرگرمين دوران مجموعي طور تي 44 ڪروڙ 68 لک 40 هزار شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 19.42 ارب رپيا رهي. مجموعي طور تي 572 ڪمپنين جي شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، …

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 814.44 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 1 لک 65 هزار 151.64 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري سرگرمين دوران مجموعي طور تي 44 ڪروڙ 68 لک 40 هزار شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 19.42 ارب رپيا رهي. مجموعي طور تي 572 ڪمپنين جي شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جن مان 128 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 324 جي قيمتن ۾ گهٽتائي، جڏهن ته 120 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتن استحڪام ۾ رهيون. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 364.22 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 48839.52 پوائنٽس، جڏهن ته اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 1377.34 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 237910.56 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 7.80 ارب رپيا جا سودا طئي ٿيا، ڪاروباري سرگرمين دوران سينر جيڪو پي ڪي لميٽيڊ جي 46.54 ملين، پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ جي 42.70 ملين ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي 26.38 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. پرويز احمد ڪنسلٽنسي سروسز لميٽيڊ، پيرا مائونٽ اسپننگ ملز لميٽيڊ ۽ يوني ڪيپ مضاربه نمايان ايڊوانسر ڪمپنين ۾ شامل رهيون.