اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ته يونيورسل سروس فنڊ تي ٽيليڪام ڪمپنين جي اهڙن منصوبن جي لاءِ ادائيگين تي انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي سيڪشن 153(2)(b) تحت ٽيڪس ڪٽوتي جي ذميواري لاڳو نٿي ٿئي جن جو مقصد انهن علائقن ۾ ٽيليڪام سهولتون فراهم ڪرڻ آهي جتي اهي سهولتون موجود نه آهن يا ناڪافي آهن. سپريم ڪورٽ يونيورسل سروس فنڊ جي اپيل منظور ڪندي ٽيڪس اختيارين …
ٽيليڪام ڪمپنين کي ڏنل رقم تي ٽيڪس ڪٽوتي لازمي ناهي، سپريم ڪورٽ 4.79 ارب رپين جي ٽيڪس جي حڪم کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ته يونيورسل سروس فنڊ تي ٽيليڪام ڪمپنين جي اهڙن منصوبن جي لاءِ ادائيگين تي انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي سيڪشن 153(2)(b) تحت ٽيڪس ڪٽوتي جي ذميواري لاڳو نٿي ٿئي جن جو مقصد انهن علائقن ۾ ٽيليڪام سهولتون فراهم ڪرڻ آهي جتي اهي سهولتون موجود نه آهن يا ناڪافي آهن. سپريم ڪورٽ يونيورسل سروس فنڊ جي اپيل منظور ڪندي ٽيڪس اختيارين پاران لاڳو ڪيل اٽڪل 4.79 ارب رپين جي ٽيڪس ذميواري بابت حڪم کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت، 38 صفحن ٻڌل تفصيلي لکت واري فيصلي ۾ قرار ڏنو ته لاڳاپيل ادائيگين تي انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي سيڪشن 21(c) پڻ لاڳو نٿو ٿئي. جسٽس منيب اختر، جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس عرفان سعادت خان تي ٻڌل بينچ ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ فيصلو جاري ڪيو. عدالت متبادل تڪرار جي حل جي ڪميٽي جي فيصلي ۽ ٽيڪس اختيارين جي نظرثاني ٿيل اسيسمنٽ آرڊر جي لاڳاپيل حصو به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. ڪيس ۾ يونيورسل سروس فنڊ پاران ٽيليڪام ڪمپنين کي اٽڪل17 ارب 76 ڪروڙ رپين جي ادائيگين ۽ انهن تي ٽيڪس ڪٽوتي جي معاملي تي تڪرار هو. متبادل تڪرار جي حل جي ڪميٽي ٽيڪس ذميواري کي گهٽائي اٽڪل هڪ ارب 53 ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي هئي، جڏهن ته، سپريم ڪورٽ فنڊ جي اپيل منظور ڪندي لاڳاپيل ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.











