وزيراعظم پاران وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ اسپتالن ۽ صحت جي ادارن ۾ طبي سهولتن، علاج جي معيار ۽ خدمتن جي بهتري جي لاءِ موثر قدمن جي هدايت

اسلام آباد - 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ اسپتالن ۽ صحت جي ادارن ۾ طبي سهولتن، علاج جي معيار ۽ خدمتن جي بهتري جي لاءِ موثر قدمن جي هدايت ڪئي آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفى ڪمال ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي صحت …

اسلام آباد – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ اسپتالن ۽ صحت جي ادارن ۾ طبي سهولتن، علاج جي معيار ۽ خدمتن جي بهتري جي لاءِ موثر قدمن جي هدايت ڪئي آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفى ڪمال ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي صحت واري وزارت بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ اسپتالن ۽ صحت جي ادارن ۾ طبي سهولتن، علاج جي معيار ۽ خدمتن جي بهتري جي لاءِ موثر قدمن جي هدايتڪ ئي. هن ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.