دوشنبي - 20 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم جي بنيادي اصولن سان پاڪستان جي پختي وابستگي جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو ان ڳالهه تي يقين آهي ته علائقائي ڇڪتاڻ جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري موثر ترين رستو آهي، ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ يوريشيا کي ڳنڍيندڙ پُل جي حيثيت سان پاڪستان علائقائي هم آهنگي، …
پاڪستان جو ان ڳالهه تي يقين آهي ته علائقائي ڇڪتاڻ جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري موثر ترين رستو آهي: اسحاق ڊار

مزید خبریں
دوشنبي – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم جي بنيادي اصولن سان پاڪستان جي پختي وابستگي جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو ان ڳالهه تي يقين آهي ته علائقائي ڇڪتاڻ جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري موثر ترين رستو آهي، ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ يوريشيا کي ڳنڍيندڙ پُل جي حيثيت سان پاڪستان علائقائي هم آهنگي، واپار، لنگهه رابطن ۽ اقتصادي هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي. ايس سي او کي گڏيل قومن، آسيان، اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) ٻين عالمي ۽ علائقائي مالياتي ادارن سان منظم حصيداري کي سگهه ڏيڻ گهرجي ته جيئن هڪ جامع علائقائي نظام کي سگهه ڏئي سگهجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اڱاري ڏينهن هتي ايس سي او حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس (توسيع ٿيل فارميٽ) کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار تاجڪستان جي قيادت، حڪومت ۽ عوام جا شاندار ميزباني ۽ بهترين انتظامن تي ٿورا ادا ڪيا ۽ وزيراعظم قاهر رسول زاده کي اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پاڪستان ايس سي او جي بنيادي اصولن ۽ “شنگهائي اسپرٽ” جي لاءِ پُرعزم آهي جنهن جو بنياد گڏيل اعتماد، برابري، مشاورت، ثقافتي هڪ جهڙائي جي احترام ۽ گڏيل خوشحالي تي آهي. اسحاق ڊار چيو ته ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ يوريشيا کي ڳنڍيندڙ قدرتي پُل جي حيثيت سان پاڪستان علائقائي هم آهنگي، واپار، ٽرانزٽ رابطن ۽ اقتصادي هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ پُرعزم آهي، پاڪستان ان ڳالهه تي پختو يقين رکي ٿو ته علائقائي ڇڪتاڻ جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري موثر ترين رستو آهي. هن چيو ته پاڪستان پاران اولهه ايشيا ۽ نار خطي ۾ رابطن جي فروغ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جون ڪوشسون تعميري سفارتڪاري جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون. پاڪستان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي جي ڪوششن ۾ پڻ مصروف آهي ۽ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ تڪرارن جي پُرامن حل جي سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو. نائب وزيراعظم چيو ته علائقائي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل تعاون تي ٻڌل ۽ پائيدار حل ضروري آهي. هن چيو ته پنهنجي قائم ٿيڻ جي 25 سالن ۾ ايس سي او هڪ علائقائي اعتمادسازي جي پليٽ کان ترقي ڪري هڪ اهم بين البراعظمي تنظيم بڻجي چڪي آهي جيڪا دنيا جي 40 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي جي نمائندگي ڪري ٿي. خودمختيار برابري ۽ اتفاق راءِ جي اصولن تي قائم رهندي تنظيم علائقائي امن جي تحفظ، گڏيل سلامتي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ يوريشيا ۾ رابطن جي لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ نمايان اضافو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته تعاون تي ٻڌل گهڻ رخو نظام گڏيل براعظم ۾ استحڪام ۽ پائيدار ترقي کي موثر انداز ۾ اڳتي وڌائي سگهي ٿو. اسحاق ڊار چيو ته اهم عالمي واپاري لنگهن جي سنگم تي موجود ايس سي او خطي ۾ عالمي اقتصادي ترقي جي انجڻ بڻجن جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. قدرتي وسيلن، ٽيڪنيڪي ترقي ۽ انساني وسيلن مان فائدو کڻندي تنظيم يوريشيا ۾ ڊيجيٽل تبديلي، صنعتي ترقي ۽ پائيدار اقتصادي واڌويجهه جي قيادت ڪري سگهي ٿي. هن ايس سي او ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون ۽ عالمي حصيداري جي فروغ جي لاءِ ڪيتريون ئي تجويزون پيش ڪندي چيو ته تنظيم جي چيمبرز آف ڪامرس ۽ بزنس ڪائونسل جي ڪردار کي موثر بڻايو وڃي، ڪاروباري ادارين جي وچ ۾ سڌوسنئون رابطو قائم ڪيو وڃي، گڏيل واپاري نمائشون منعقد ڪيون وڃن ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن جي مدد جي لاءِ ڪسٽمز طريقيڪار کي آسان بڻايو وڃي. نائب وزيراعظم چيو ته ايس سي او ۽ انٽربئنڪ ڪنسورشيم (آءِ بي سي) کي مضبوط بڻائڻ، مقامي ڪرنسين ۾ ادائيگين جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ سرحد پار ادائيگين جي نظام ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ٻاهريان مالياتي خطرا گهٽ ٿين ۽ واپار جي لاءِ مالي مدد کي آسان بڻائي سگهجي. هن چيو ته ايس سي او ترقياتي بئنڪ قائم ٿيڻ تائين انٽربئنڪ ڪنسورشيم بنيادي ڍانچي جي بهتري جي منصوبن جي مالي مدد ۾ وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. حبيب بئنڪ لميٽيڊ (ايڇ بي ايل) جيڪا هن وقت ڪنسورشيم جي صدارت ڪري رهي آهي ٻين ميمبر ادارن سان ويجهي رابطي جي ذريعي ان ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. اسحاق ڊار چيو ته ايس سي او کي گڏيل قومن، آسيان، اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) ۽ ٻين عالمي ۽ علائقائي مالياتي ادارن سان منظم حصيداري کي سگهه ڏيڻ گهرجي ته جيئن هڪ جامع علائقائي نظام کي سگهه ڏئي سگهجي. هن چيو ته ايندڙ 25 سالن جي لاءِ ايس سي او جي حڪمت عملي گڏيل ٽيڪنيڪي جدت، موسمياتي تبديلي جي مقابلي جي صلاحيت، توانائي جي تحفظ ۽ محفوظ سپلاءِ چينز تي هجڻ گهرجي. ان سان گڏ يوريشيا ۾ توانائي ۽ ٽرانسپورٽ لنگهن کي فعال بڻائڻ ۽ عوامي رابطن، ثقافتي مٽاسٽا ۽ تعليمي حصيدارين کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. نائب وزيراعظم ايس سي او جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي 27 – 2026ع جي لاءِ صدارت سنڀالڻ تي ازبڪستان جي وزيراعظم کي هڪ ڀيرو ٻيهر مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان آگسٽ 2027ع ۾ اسلام آباد ۾ ايس سي او ملڪي سربراهن جي اجلاس جي ميزباني ۽ ميمبر ملڪن جي اڳواڻن جي آجيان ڪرڻ جو منتظر آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، گڏيل ٺوس ۽ خوشحال ايس سي او برادري قائم ڪرڻ جي عزم تي قائم آهي ۽ گڏيل ڪوششن جي ذريعي ميمبر سمورن ميمبر ملڪن جي عوام جي لاءِ پائيدار خوشحالي جو مستقبل جوڙي سگهجي ٿو.











