نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين مهرالدين سان ملاقات

دوشنبي - 20 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دوشنبي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين مهرالدين سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي واپار، اقتصادي تعاون، علائقائي رابطن، توانائي، سلامتي ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس …

دوشنبي – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دوشنبي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين مهرالدين سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي واپار، اقتصادي تعاون، علائقائي رابطن، توانائي، سلامتي ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم اجلاس جي لاءِ شاندار ميزباني ۽ بهترين انتظامن تي تاجڪ پرڏيهي وزير جا ٿورا ادا ڪيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي ٻڌل پاڪستان ۽ تاجڪستان جي پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جي توثيق ڪندي واپاري ۽ اقتصادي تعاون، علائقائي رابطن، توانائي، سلامتي ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ علائقائي ۽ گهڻ رخي فورمز تي مسلسل رابطي ۽ هم آهنگي جي اهميت کي اجاگر ڪيو.