دوشنبي - 20 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار تاجڪستان جو دورو ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ کانپوءِ دوشنبي کان وطن واپس روانو ٿي ويو. اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ اجلاس جي موقعي تي مختلف …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار تاجڪستان جو دورو ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ کانپوءِ دوشنبي کان وطن واپس روانو

مزید خبریں
دوشنبي – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار تاجڪستان جو دورو ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ کانپوءِ دوشنبي کان وطن واپس روانو ٿي ويو. اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ اجلاس جي موقعي تي مختلف ملڪن سان ڪارائتي ٻطرفي ملاقاتون پڻ ڪيون. تاجڪستان جي توانائي ۽ پاڻي وسيلن واري وزير ۽ پاڪستان – تاجڪستان گڏيل ڪميشن جي شريڪ چيئرمين دالرجمعه، تاجڪستان ۾ پاڪستان جي سفير عرفان احمد ۽ تاجڪ حڪومت جي اعلى عملدارن هوائي اڏي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي الوداع ڪيو.











