واپار واري وفاقي وزير سان آمريڪي ناظم الامور جي ملاقات، پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ سيڙپڪاري، ٻطرفو واپار ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان آمريڪي ناظم الامور نٽالي اي بيڪر ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري، ٻطرفو واپار ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن ٿيل ملاقات ۾ وزيراعظم جي واپار ۽ صنعت بابت ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل خان ۽ واپاري واري سيڪريٽري جواد پال به موجود هو. جاري پريس رليز …

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان آمريڪي ناظم الامور نٽالي اي بيڪر ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري، ٻطرفو واپار ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن ٿيل ملاقات ۾ وزيراعظم جي واپار ۽ صنعت بابت ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل خان ۽ واپاري واري سيڪريٽري جواد پال به موجود هو. جاري پريس رليز موجب ان موقعي تي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته آمريڪا سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ پاڪستان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ نجي شعبي جي تعاون سان وسيع موقعا موجود آهن. ملاقات ۾ پاڪستاني انب ۽ کجور جي آمريڪي مارڪيٽ تائين پهچ جي حوالي سان به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، واپار واري سيڪريٽري چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گڏيل واپاري معاهدي تي جاري ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، تجويز ڪيل واپاري معاهدي جي ڪجهه فني شقن تي آمريڪي واپاري نمائندي جي آفيس ۾ وڌيڪ ڳالهيون گهربل آهي. هن چيو ته پاڪستاني انب جي روانگي واپار لاءِ آمريڪي معائنه ٽيمن جي دوري ۾ تيزي آڻڻ جي ضرورت آهي، بلوچستان جي کجور کي آمريڪي مارڪيٽ تائين پهچ ملڻ سان آبادگارن ۽ روانگي واپار ڪندڙن کي فائدو ٿيندو. آمريڪي وفد پاڪستاني زرعي مصنوعات کي مارڪيٽ تائين پهچ ڏيڻ جي حوالي سان لاڳاپيل عملدارن سان رابطي جي خاطري ڪرائي جڏهن ته آمريڪا کان ڪپهه ۽ سويابين جي ايڪسپورٽ وڌائڻ ۽ واپاري مالي مدد جي امڪانن جي باري ۾ به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي، فوڊ پراسيسنگ ۽ ڪولڊ چين جا وسيع موقعا موجود آهن. هن آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان جي زرعي ۽ صنعتي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته آمريڪي ڪاروباري ادارا 23 کان 26 نومبر تائين ڪراچي ۾ ٿيندڙ فوڊ نمائش 2026ع ۾ شرڪت ڪندا. واپار واري وزير چيو ته بلوچستان ۾ کجور، زيتون جي تيل ۽ ٻي زرعي مصنوعات جي ويليو ايڊيشن ۾ نمايان موقعا موجود آهن. ملاقات ۾ معدنيات کاڻين جي کوٽائي، فني تعاون ۽ هنرمندي افرادي قوت جي ترقي جي امڪانن جو به جائزو ورتو ويو. آمريڪي وفد پاڪستان جي معدنياتي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ فني تعاون وڌائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. ڌرين واپاري ڳالهيون اڳتي وڌائڻ ۽ اداره جاتي رابطا مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.