”ڊجيٽل نيشن پاڪستان ويزن“ تحت ملڪ ۾ فائيو جي سروسز 24 شهرين ۾ فعال سيٽلائيٽ براڊ بينڊ فريم ورڪ کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي: شزه فاطمه خواجه

سيئول-20 آڪٽوبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته عالمگير ڪنيڪٽيوٽي ڪو ٽٽل نه پر هڪ اڻ مڪمل واعدو آهي، پاڪستان مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي جديد دور ۾ عالمي ڊجيٽل تعاون ۽ سهڪاري عمل لاءِ پوري طرح تيار آهي. اهڙو اظهار وفاقي وزير ڏکڻ ڪوريا جي گادي واري شهر سيئول ۾ منعقد ”عالمي ڊجيٽل ۽ اي آءِ سمٽ“ جي …

سيئول-20 آڪٽوبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته عالمگير ڪنيڪٽيوٽي ڪو ٽٽل نه پر هڪ اڻ مڪمل واعدو آهي، پاڪستان مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي جديد دور ۾ عالمي ڊجيٽل تعاون ۽ سهڪاري عمل لاءِ پوري طرح تيار آهي. اهڙو اظهار وفاقي وزير ڏکڻ ڪوريا جي گادي واري شهر سيئول ۾ منعقد ”عالمي ڊجيٽل ۽ اي آءِ سمٽ“ جي اعليٰ سطحي سيشن کي اهم مقرر جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. هن واضح ڪيو ته وزيراعظم جي ڊجيٽل نيشنل پاڪستان ويزن تحت پاڪستان مصنوعي ذهانت کي بنيادي طور تي نيٽ ورڪ اپ گريڊيشن ۽ تيز رفتار رابطي جي چئلينج طور ڏسي ٿو، ملڪي آبادي جو 70 سيڪڙو حصو 30 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته ٽيلي ڪام صارفين جو انگ 20 ڪروڙ کان وڌي چڪو آهي، جيڪو معياري ۽ جديد ڊجيٽل سهولت جي وڌندڙ گهرج جو ثبوت آهي. وفاقي وزير پينل کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان مارچ 2026ع ۾ هن وقت تائين سڀ کان وڏي اسپيڪٽرم جي نيلامي ڪاميابي سان مڪمل ڪئي، جنهن حت 480 ميگاواٽ اسپيڪٽرم نيلام ڪري 509 ملين آمريڪي ڊالر حاصل ڪيا، ان نيلامي جي رڳو ڪجهه مهينن اندر ملڪ جي 24 وڏن شهرن ۾ 1700 کان وڌيڪ سائيٽس تي تيز رفتار فائيو جي سروس جي شروعات ڪئي وئي آهي، جتي صارفين کي سراسري 130 ايم بي پي ايس جي رفتار ميسر اچي رهي آهي، جڏهن ته گذريل ٻن سالن دوران ملڪ ۾ مجموعي ڊئون لوڊ اسپيڊ ۾ 68.1 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. هن ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ 2 لک 34 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ آپٽيڪل فائبر ڪيبل جو ڄار وڇائجي چڪو آهي. فائبر لڳائڻ کي تيز بنائڻ لاءِ صوبن جي گڏيل مشاورت سان سڄي ملڪ ۾ ”رائيٽ آف وي“ چارجز کي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ بچندڙ مالي وسيلا سڌي ريت نيٽ ورڪ کي وڌائڻ تي خرچ ڪيا پياو ڃن.