اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته نادرا خاندانن جي شجره نسب جي جاچ پڙتال ۽ پرڏيهي ماڻهن جي غير قانوني شموليت جي نشاندهي لاءِ ٻه مهمون هلايون جڏهن ته ڪجهه خاندانن پرڏيهي ماڻهن جي پاڪستاني شهري نه هجڻ جي تصديق جي باوجود کين تحفظ فراهم ڪيو، نادرا جي رڪارڊ کي سياسي، فرقيواراڻي، قبائلي ۽ صوبائي تعصب کان مٿانهون رکيو ويندو آهي …
نادرا رڪارڊ تعصب کان مٿانهون، ان جي ساک پاڪستان جي مجموعي ڊيٽا جي ساک لاءِ اهم آهي: مملڪتي وزير طلال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته نادرا خاندانن جي شجره نسب جي جاچ پڙتال ۽ پرڏيهي ماڻهن جي غير قانوني شموليت جي نشاندهي لاءِ ٻه مهمون هلايون جڏهن ته ڪجهه خاندانن پرڏيهي ماڻهن جي پاڪستاني شهري نه هجڻ جي تصديق جي باوجود کين تحفظ فراهم ڪيو، نادرا جي رڪارڊ کي سياسي، فرقيواراڻي، قبائلي ۽ صوبائي تعصب کان مٿانهون رکيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته ان جي رڪارڊ جي ساک پاڪستان جي مجموعي ڊيٽا جي ساک لاءِ انتهائي اهم آهي. سينيٽ ۾ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ڪجهه ماڻهو مالي فائدي ۽ قانونن ۾ نرمي جو ناجائز استعمال ڪندي پرڏيهين کي پنهنجي خانداني شجره نسب ۾ شامل ڪيو، ٻن مهمن باوجود اهڙا معاملا سامهون آيا جن ۾ پرڏيهين کي پاڪستاني خاندانن جو حصو ظاهر ڪيو ويو. هن چيو ته نادرا جي رڪارڊ کي سياسي، فرقيواراڻي، قبائلي ۽ صوبائي تعصب کان مٿانهو رکيون ويندو آهي ڇاڪاڻ ته نادرا جي رڪارڊ جي ساک پاڪستان جي مجموعي ڊيٽا جي ساک لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته جعلي دستاويزن ذريعي شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي معاملن ۾ لاڳاپيل ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، نادرا جي 100 کان وڌيڪ ملازمن خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪيا ويا جڏهن ته ڪجهه ملازمن کي نوڪري تان لاٿو ويو. هن ٻڌايو ته سعودي عرب کان اٽڪل 5 هزار شڪايتون ملڻ باوجود لاڳاپيل نادرا ۽ پاسپورٽ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. مملڪتي وزير چيو ته نادرا سڄي ملڪ ۾ پنهنجي مرڪزن جي ڪارڪردگي جي نگراني لاءِ جديد نظام متعارف ڪرايو آهي جنهن ذريعي ايندڙ ماڻهو، جاري ڪيل ٽوڪن، انتظار جو وقت ۽ درخواستن تي ٿيل ڪارروائي جو رڪارڊ رکيو ويندو آهي، هن چيو ته نادرا بابت ڪنهن به انفرادي شڪايت جو ازالو ڪرڻ لاءِ ادارو تيار آهي. هن جو چوڻ هو ته ڪجهه ايف آءِ آرز داخل ٿيڻ جي بنياد تي ڪنهن شهري کي ٻاهرين ملڪ سفر کان نه روڪيو ويندو پر ان لاءِ لاڳاپيل کاتي طرفان باقاعده لکت ۾ اطلاع يا قانوني بنيادي ضرور هوندو آهي.











