اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو آهي ته ڊجيٽل هيلٿ کي هٿي ڏيڻ ۽ صحت جي نظام کي موثر بڻائڻ لاءِ قومي سطح تي هڪ محفوظ، جامع ۽ قابل اعتماد هيلٿ انفارميشن نظام جو قيام ضروري آهي. صحت واري وزارت قومي هيلٿ انفارميشن نظام جي قيام ۽ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي صحت بابت معلومات جي محفوظ مٽاسٽا لاءِ ڊيٽا شيئرنگ …
قومي هيلٿ انفارميشن نظام ۽ ڊيٽا شيئرنگ فريم ورڪ جي تياري تي ڪم جاري آهي: ڊاڪٽر مختار ڀرٿ

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو آهي ته ڊجيٽل هيلٿ کي هٿي ڏيڻ ۽ صحت جي نظام کي موثر بڻائڻ لاءِ قومي سطح تي هڪ محفوظ، جامع ۽ قابل اعتماد هيلٿ انفارميشن نظام جو قيام ضروري آهي. صحت واري وزارت قومي هيلٿ انفارميشن نظام جي قيام ۽ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي صحت بابت معلومات جي محفوظ مٽاسٽا لاءِ ڊيٽا شيئرنگ فريم ورڪ تي ڪم ڪري رهي آهي، 16 هين سالياني عالمي پبلڪ هيلٿ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مختار ڀرٿ هيلٿ سروسز اڪيڊمي کي عالمي مرڪز امتياز تسليم ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي پاڪستان جي نظام جي صحت ۾ انقلابي تبديليون آڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي، پر ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ مستند ڊيٽا، محفوظ ڊجيٽل نظام ۽ تربيت يافته طبي افرادي قوت جي ضرورت آهي. مملڪتي وزير ٻڌايو ته قومي هيلٿ انفارميشن نظام تحت صحت بابت ڊيٽا طبي مرڪزن سان ضلعي، صوبائي ۽ وفاقي سطح تي منتقل ڪري سگهبي. ان سلسلي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان سان صحت جي ڊيٽا جي شيئرنگ جي معاهدن تي صحيحون ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته ٻين صوبن ۽ علائقن سان به اهڙا معاهدا ڪيا ويندا. هن چيو ته صحت جي ڊيٽا جي تحفظ، رازداري ۽ذميواراڻي استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ صحت واري وزارت هيلٿ سيڪيورٽي ايڪٽ تيار ڪري رهي آهي. ان قانون ۾ صحت بابت معلومات جي تحفظ ۽ رازداري لاءِ واضح ضابطه شامل هوندا جڏهن ته هي وفاق، صوبن ۽ علائقن وچ ۾ صحت جي ڊيٽا جي مٽاسٽا کي قانوني بنياد به فراهم ڪندو. هن زور ڀريو ته ڊجيٽل هيلٿ جي ڪاميابي لاءِ رڳو ڊيٽا جمع ڪرڻ ڪافي ناهي، پر ان جي درستگي، قابل اعتماد هجڻ ۽ مختلف ڊجيٽل نظام سان هڪجهڙائي کي يقيني بڻائڻ به ضروري آهي. مملڪتي وزير هيلٿ سروسز اڪيڊمي تي زور ڀريو ته هو ڊجيٽل مهارتن سان ليس طبي افرادي قوت جي تياري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن چيو ته وفاق، صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ صحت جي ڊيٽا جي موثر مٽاسٽا پاڪستان ۾ بيمارين جي روڪٿام ۽ صحت جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.











