ايڪسپورٽ فيسيليٽيشن اسڪيم جاري رهندي، غلط استعمال جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا ويا آهن: مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته ايڪسپورٽ فيسيليٽيشن اسڪيم ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ انتهائي اهم آهي ۽ ان کي جاري رکيو ويندو، اسڪيم جي غلط استعمال جي روڪٿام ۽مقامي صنعت جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ شرميلا فاروقي جي اعتراض واري نقطي تي هن چيو ته جيتوڻيڪ هي معاملو ايوان …

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته ايڪسپورٽ فيسيليٽيشن اسڪيم ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ انتهائي اهم آهي ۽ ان کي جاري رکيو ويندو، اسڪيم جي غلط استعمال جي روڪٿام ۽مقامي صنعت جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ شرميلا فاروقي جي اعتراض واري نقطي تي هن چيو ته جيتوڻيڪ هي معاملو ايوان جي ايجنڊا ۾ شامل نه هو ۽نه ئي سوالن جي وقفي ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس تحت بحث هيٺ هو جڏهن ته هڪ قومي اسيمبلي جي عورت ميمبر هڪ اهم مسئلو اٿاريو آهي جنهن جي وضاحت ضروري آهي. هن چيو ته هي معاملو ميڊيا ۾ به بحث هيٺ ايندو رهيو آهي ۽ حڪومت ڪاروباري برادري، روانگي واپار ڪندڙن ۽ ٽيڪسٽائيل شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ته جيئن پوري ويليو چين کي درپيش مسئلن جو جائزو وٺي سگهجي.هن چيو ته ايڪسپورٽ فيسيليٽيشن اسڪيم تحت روانگي واپار ڪندڙن کي روانگي واپار جي شين جي تياري لاءِ گهربل ڪچو مال ۽ ٻيون شيون ڊيوٽي کانسواءِ گهرائڻ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، ماضي ۾ ان اسڪيم تحت ڪجهه بي ضابطگين ۽ غلط استعمال جا واقعا سامهون آيا هئا جن جي روڪٿام لاءِ سڌارن وارا قدم کنيا ويا آهن ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي امڪانن کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي. هن واضح ڪيو ته انهن قدمن جو مقصد اسڪيم کي بند ڪرڻ يا ان تحت دستياب سهولتن ۾ غير ضروري گهٽتائي ڪرڻ ناهي پر ان جي موثر ۽ شفاف استعمال کي يقيني بڻائڻ آهي. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت آل پاڪستان ٽيڪسٽائيل ملز ايسوسيئيشن، مقامي لومز جي ڪاروبار سان لاڳاپيل ماڻهن، ڪپڙا تيار ڪندڙن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي مسئلن جوجائزو وٺي رهي آهي، بلال اظهر ڪياني چيو ته حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي ته اسڪيم جو غلط استعمال نه ٿئي ۽ ان تحت امپورٽ ڪندڙ ڪچو مال مقامي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري ملڪي صنعت کي نقصان نه پهچائي سگهي. هن چيو ته حڪومت روانگي واپار ڪندڙن کي مناسب قيمت تي گهربل معيار جو ڪچو مال فراهم ڪرڻ جي سهولت برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ۽ مقامي صنعت جي خدشن جو به ازالو ٿئي.