گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ توانائي، ٽرانسپورٽ، زراعت، معدنيات ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري لازمي آهي: اسحاق ڊار

دوشنبي- 20 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن تي وسيع تر علائقائي رابطن ۽ اقصادي هم آهنگي جي لاءِ زور ڀريندي چيو آهي ته گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ توانائي، ٽرانسپورٽ، زراعت، معدنيات ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري لازمي آهي جڏهن ته مصنوعي ذهانت، ڊيجيٽل تبديلي ۽ جدت کي مستقبل جي …

دوشنبي- 20 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن تي وسيع تر علائقائي رابطن ۽ اقصادي هم آهنگي جي لاءِ زور ڀريندي چيو آهي ته گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ توانائي، ٽرانسپورٽ، زراعت، معدنيات ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري لازمي آهي جڏهن ته مصنوعي ذهانت، ڊيجيٽل تبديلي ۽ جدت کي مستقبل جي تعاون جو بنيادي محور بڻايو وڃي، پاڪستان افغانستان جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ مخلصاڻي ڪوششون ڪيون آهن، افغان سرزمين پاڪستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دوشنبي ۾ ايس سي او جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس (محدود فارميٽ) کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته علائقائي اقتصادي هم آهنگي جي لاءِ واپار، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ جي بنيادي ڍانچي ۾ هدف تي ٻڌل سيڙپڪاري لازمي آهي، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ايس سي او جي سمورن حصيدار ملڪن کي علائقائي اقتصادي هم آهنگي جي گڏيل سفر ۾ شامل ٿيڻ ۽ ان کي تيز ڪرڻ جو اهم موقعو فراهم ڪري ٿو. هن ايس سي او تحت گڏيل فيصلن جي لاءِ قومي ڪرنسين جي استعمال کي فروغ ڏيڻ ۽ ايس سي او ترقياتي بئنڪ، ترقياتي فنڊ ۽ سيڙپڪاري فنڊ قائم ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته انهن قدمن سان ترقياتي منصوبن کي اڳتي وڌائڻ ۽ خطي کي عالمي مالياتي بحرانن جي اثرن کان محفوظ رکڻ ۾ مدد ملندي. نائب وزيراعظم چيو ته تحفظ پسند پاليسيون ۽ هڪطرفا جبري قدم عالمي قانون جي اصولن جي خلاف آهن جيڪي اقتصادي ترقي کي محدود، ٽيڪنيڪي اڳڀرائي ۾ رڪاوٽ ۽ اڻبرابري ۾ اضافو ڪن ٿا، منصفاڻي عالمي ترقي جي لاءِ عالمي مالياتي ڍانچي ۽ واپاري نظام ۾ سڌارا ضروري آهن. هن چيو ته پائيدار اقتصادي ترقي جي لاءِ خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي لازمي آهي ۽ افغانستان ۾ استحڪام علائقائي امن جي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم، علائقائي طور تي ٺوس ۽ خوشحال افغانستان جو خواهشمند آهي جيڪو پنهنجي اندروني معاملن ۽ پاڙيسري ملڪن سان امن سان رهي سگهي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان افغانستان جي ترقي ۽ اتان جي عوام جي ڀلائي لاءِ مخلصاڻي ڪوششون ڪيون آهن جڏهن ته افغان طالبان حڪومت کان پاڪستان جي رڳو هڪ اميد آهي ته افغان سرزمين پاڪستان ۽ دنيا جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿئي. هن چيو ته پاڪستان خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي بنياد جي طور تي پرامن ۽ مستحڪم پاڙيسريت جي عزم تي قائم آهي. نائب وزيراعظم ايس سي او تحت پاڪستان جي سرگرمين جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان 2024ع ۾ اسلام آباد ۾ حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس جي ميزباني ڪئي جڏهن ته هلندڙ سال ايس سي او جي دهشتگردي جي خاتمي جي ڍانچي جي سربراهي ڪاميابي سان مڪمل ڪئي. غربت جي خاتمي بابت ايس سي او ورڪنگ گروپ جي چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان پنهنجي تجربن جي ڏي وٺ ۽ ٻين ملڪن جي تجربن مان فائدو کڻي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان هلندڙ سال غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاورباري ادارن جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ايس سي او چيئرمين شپ جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف “ويزن کي عملي قدمن ۾ بدلائڻ: رابطا، جدت ۽ گڏيل خوشحالي” جو موضوع پيش ڪيو آهي. ان تحت امن، سلامتي ۽ گڏيل اعتماد، علائقائي رابطن ۽ واپار، جدت ۽ مصنوعي ذهانت ۽ ڊيجيٽل تبديلي، موسمياتي لچڪ ۽ پائيدار توانائي، عوامي رابطن کي ترجيحي شعبن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي لاءِ مصنوعي ذهانت، ڊيجيٽل تبديلي، جدت، توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۽ عالمي معلوماتي سلامتي ايس سي او جي مستقبل جي تعاون جا اهم ٿنڀ هجڻ گهرجن. هن ايس سي او جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي هلندڙ سال جي اجلاس جي ڪامياب تڪميل تي تاجڪستان جي حڪومت، تنظيم جي مستقل ادارن جي سربراهن، سيڪريٽري جنرل نورلان يرميڪ بائيف ۽ ايس سي او جي علائقائي دهشتگردي جي خاتمي واري ڍانچي (ايس سي او آر اي ٽي ايس) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ڊائريڪٽر اولاربيڪ شارشيئيف کي مبارڪباد ڏني. هن قومي رابطن ۽ مختلف ايس سي او مڪينزم تحت ڪم ڪندڙ ماهرن جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو جن اجلاس ۾ منظور ڪيل دستاويزن ۽ فيصلن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. نائب وزيراعظم چيو ته گڏيل پڌرنامو ۽ بيان ميمبر ملڪن جي گڏيل امنگن ۽ عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. ايس سي او جي بنيادي طاقت نه رڳو ميمبر ملڪن جي گڏيل تاريخ ۾ آهي پر ان گڏيل مستقبل ۾ به آهي جنهن جي جوڙجڪ جي لاءِ سمورا ملڪ گڏجي ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ان گڏيل مستقبل جي جوڙجڪ ۾ فعال ڪردار اداڪرڻ ۽ ايندڙ ڏهاڪي ۾ يوريشيا جي رابطن ۽ اقتصادي خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اسحاق ڊار ايس سي او حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي 27 – 2026ع جي لاءِ صدارت سنڀالڻ تي ازبڪستان جي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ايندڙ سال آگسٽ م ايس سي او سربراهي اجلاس جي لاءِ ميمبر ملڪن جي ملڪي سربراهن ۽ انهن جي وفدن جي اسلام آباد ۾ آجيان ڪرڻ جو منتظر آهي.