خيبر پختونخوا جي ضم ٿيل علائقن ۾ شمسي توانائي جي پلانٽس  لاءِ ساڍا 13 ارب روپيا رکيا ويا آهن: احسن اقبال

اسلام آباد -20 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پارليامينٽ سميت سڄي ملڪ ۾ سگريٽ نوشي تي پابندي جي قانون تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، خيبر پختونخوا صوبي جي ضم ٿيل علائقن ۾ شمسي توانائي جي پلانٽس لاءِ ساڍا 13 ارب روپيا رکيا ويا آهن، 5 هزار گهرن ۾ شمسي توانائي جي يونٽس جي فراهمي جو اعلان جلدي …

اسلام آباد -20 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پارليامينٽ سميت سڄي ملڪ ۾ سگريٽ نوشي تي پابندي جي قانون تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، خيبر پختونخوا صوبي جي ضم ٿيل علائقن ۾ شمسي توانائي جي پلانٽس لاءِ ساڍا 13 ارب روپيا رکيا ويا آهن، 5 هزار گهرن ۾ شمسي توانائي جي يونٽس جي فراهمي جو اعلان جلدي ٿيندو. اڱاري تي قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران عامر ڊوگر شير افضل مروت ۽ نعيمه ڪشمور  پاران اٿاريل نقطي جو جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته  پارليامينٽ جي لابيز ۾ تمام گهڻي  سموڪنگ ڪئي ويندي آهي،  ملڪ ۾ قانون آهي ته عوامي هنڌن تي اهڙي طرح سگريٽ نوشي نٿي ڪري سگهجي پر ان تي عمل نٿو ڪيو وڃي. گئلري ۾ نو سموڪنگ تي عمل ڪيو وڃي. عمارتن ۽ ٽرانسپورٽ سميت سڄي ملڪ ۾ ان تي عمل ڪيو وڃي، صوبائي حڪومتون به ان تي عمل ڪن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته پارليامينٽ هائوس ۾ ميمبرن لاءِ مخصوص ايريا آهي جنهن ۾ هو ويهي سگهن ٿا، ايم اين ايز کي ان حوالي سان مثالي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ترقياتي بجيٽ ۾ بلوچستان لاءِ 200 ارب روپيا رکيا ويا آهن اسان ڪي پي ڪي ۾ گذريل سال ساڍا 13 ارب روپيا اڳوڻي فاٽا جي ضلعن ۾ سولر سسٽم جي يونٽ ورهائڻ لاءِ ڏنا پر اڳوڻي حڪومت ڪجهه نه ڪيو. وزيراعظم جلد انهن علائقن ۾ 5 هزار  کان وڌيڪ گهرن لاءِ شمسي توانائي جي يونٽن جي فراهمي جو اعلان ڪندو.