پورهيتن جي زندگي ڪنهن به مشين يا منافعي کان وڌيڪ قيمتي آهي، تنهنڪري صنعتي ترقيءَ سان گڏ سندن جان ۽ صحت جو تحفظ يقيني بڻائڻ ضروري آهي: صوبائي وزير سعيد غني

ڪراچي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي پورهئي، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پورهيتن جي زندگي ڪنهن به مشين يا منافعي کان وڌيڪ قيمتي آهي، تنهنڪري صنعتي ترقيءَ سان گڏ سندن جان ۽ صحت جو تحفظ يقيني بڻائڻ ضروري آهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي پورهئي کاتي ۽ جرمن ترقياتي اداري  جي سهڪار سان بجليءَ جي حفاظت ۽ باهه کان بچاءَ بابت …

ڪراچي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي پورهئي، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پورهيتن جي زندگي ڪنهن به مشين يا منافعي کان وڌيڪ قيمتي آهي، تنهنڪري صنعتي ترقيءَ سان گڏ سندن جان ۽ صحت جو تحفظ يقيني بڻائڻ ضروري آهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي پورهئي کاتي ۽ جرمن ترقياتي اداري  جي سهڪار سان بجليءَ جي حفاظت ۽ باهه کان بچاءَ بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بلديه ٽائون سانحي ۾ 259 انساني جانيون ضايع ٿيڻ هڪ وڏو الميو هو. اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ ڪارخانن ۾ باهه وسائڻ جا مناسب انتظام، بجليءَ جي نظام جي باقاعده سار سنڀال، هنگامي نيڪال جا کليل رستا ۽ پورهيتن جي تربيت لازمي آهي. صوبائي وزير صنعتڪارن تي زور ڀريو ته اهي حفاظتي قانونن تي عمل ڪن ۽ پورهيتن لاءِ محفوظ ماحول فراهم ڪن. هن ٻڌايو ته آگاهي مهم ذريعي پوسٽرن، وڊيوز ۽ تربيتي پروگرامن جي مدد سان پورهيتن ۾ حفاظت بابت شعور وڌايو ويندو.سيمينار ۾ محنت کاتي جي سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ايمپلائرز فيڊريشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل سيد نظير علي، پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي صدر حبيب الدين جنيدي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي سعيد غني آگاهي مهم جو باضابطه افتتاح ڪيو. 

مزید خبریں