اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي آپريشن رد الفتنه - 3 تحت بلوچستان جي ضلع واشڪ ۾ خوارجين خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن 5 خوارجين کي مارڻ تي فورسز جي پختي عزم ۽ اعليٰ پيشيواراڻين صلاحيتن جي تعريف ڪئي. گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي گهرو وزير چيو ته فتنه الهندستان …
وفاقي گهرو وزير پاران واشڪ ۾ ڪامياب آپريشن دوران 5 خوارجين کي مارڻ تي بهادر جوانن کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي آپريشن رد الفتنه – 3 تحت بلوچستان جي ضلع واشڪ ۾ خوارجين خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن 5 خوارجين کي مارڻ تي فورسز جي پختي عزم ۽ اعليٰ پيشيواراڻين صلاحيتن جي تعريف ڪئي. گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي گهرو وزير چيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا مٽيءَ ۾ ملائيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر سپوتن تي پوري قوم کي فخر آهي. هن چيو ته آپريشن رد الفتنه 3 ۾ حصو وٺندڙ وطن جي بهادر جوانن جي وقت سر ۽ موثر ڪارروائي ملڪي بقا ۽ قومي سلامتي جي تحفظ جي پختي عزم جي واضح عڪاسي آهي. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي ۽ پوري قوم وطن جي دفاع لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.











