ريلوي واري وفاقي وزير کي رحمان بابا ايڪسپريس حادثي جي شروعاتي رپورٽ پيش

اسلام آباد/ ملتان -14 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ريلوي جي فني ٽيم ملتان ويجهو رحمان بابا ايڪسپريس جي حادثي جي شروعاتي جاچ رپورٽ وفاقي وزير محمد حنيف عباسي کي پيش ڪري ڇڏي آهي. شروعاتي جاچ رپورت موجب ٽرين سان حادثو فني ۽ مڪينيڪل خرابي سبب پيش آيو. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ٽرين جو سائيڊ هينگر اوچتو ٽٽي پيو هو، جيڪو ريلوي ٽريڪ جي ٽرن آئوٽ ڪراسنگ …

اسلام آباد/ ملتان -14 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ريلوي جي فني ٽيم ملتان ويجهو رحمان بابا ايڪسپريس جي حادثي جي شروعاتي جاچ رپورٽ وفاقي وزير محمد حنيف عباسي کي پيش ڪري ڇڏي آهي. شروعاتي جاچ رپورت موجب ٽرين سان حادثو فني ۽ مڪينيڪل خرابي سبب پيش آيو. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ٽرين جو سائيڊ هينگر اوچتو ٽٽي پيو هو، جيڪو ريلوي ٽريڪ جي ٽرن آئوٽ ڪراسنگ ۾ ڦاسي پيو. ڪراسنگ ۾ هينگر ڦاسڻ جي نتيجي ۾ پهرين بوگي پٽڙي تان لهي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي رفتار جي دٻاءُ سبب ٽرين جون سموريون 15 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون. ريلوي اختيارين موجب فني ٽيم واقعي واري هنڌ جو تفصيلي معائنو ڪرڻ کان پوءِ اتان ٽٽل سائيڊ هينگر هٿ ڪري قبضي ۾ ورتو، جنهن کي باقاعده فرانزڪ ۽ فني جاچ پڙتال لاءِ تحويل ۾ رکيو ويو آهي. واضح رهي ته ڪراچي کان ملتان رستي پشاور ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس کي گذريل ڏينهن ملتان ويجهو شير شاهه واري هنڌ حادثو پيش آيو هو، جنهن ۾ ڪيترائي مسافر فوت ۽ زخمي ٿيا هئا. رپورت ملڻ کان پوءِ وفاقي وزير واقعي جي سمورن رخن جو ويجهڙائي کان جائزو وٺڻ ۽ ذميوارن جو تعين ڪرڻ جي سخت کاتيوار ڪارروائي جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.

مزید خبریں