گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل لاءِ 15 ملڪن جي چونڊ ڪئي وئي

گڏيل قومون-14 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي انساني حقن جي ڪائونسل جي نون ميمبرن طور 15 ملڪن کي چونڊيو آهي. جن جو ٽن سالن جو مدو پهرين جنوري سال 2027ع کان شروع ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڳجهي راءِ شماري ذريعي چونڊيل ملڪن ۾ آفريقي خطي مان برونڊي، گهانا، نائيجيريا ۽ زيمبيا، ايشيا پيسيفڪ علائقي مان جاپان ، اردن، ڪويت ۽ نيپال، اوڀر يورپ مان مالدووا ۽ يوڪرين …

گڏيل قومون-14 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي انساني حقن جي ڪائونسل جي نون ميمبرن طور 15 ملڪن کي چونڊيو آهي. جن جو ٽن سالن جو مدو پهرين جنوري سال 2027ع کان شروع ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڳجهي راءِ شماري ذريعي چونڊيل ملڪن ۾ آفريقي خطي مان برونڊي، گهانا، نائيجيريا ۽ زيمبيا، ايشيا پيسيفڪ علائقي مان جاپان ، اردن، ڪويت ۽ نيپال، اوڀر يورپ مان مالدووا ۽ يوڪرين ، لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين مان برازيل، ڊومينيڪن ريپبلڪ ۽ يوراگوئي جڏهن ته اولهه يورپ ۽ ٻين ملڪن جي گروپن مان جرمني ۽ آئرلينڊ شامل آهن. رپورٽ موجب هن سال سمورا 15 اميدوار ملڪ بنا مقابلا چونڊ عمل ۾ شريڪ هيا. برونڊي، گهانا، جاپان، ڪويت، برازيل ۽ ڊومينيڪن ريپبلڪ ٻيهر چونڊيا ويا آهن. جنيوا ۾ قائم گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل سڄي دنيا ۾ انساني حقن کي هٿي ڏيڻ ۽ تحفظ جي ذميوار عالمي حڪومتي تنظيم آهي جنهن جي مجموعي ميمبرن جو انگ 47 آهي. ڪائونسل جا هڪ ڀاڳي ٽي ميمبر هر سال ٽن سالن جي مدي لاءِ چونڊيا ويندا آهن ته جيئن اداري جي ڪم ۾ تسلسل برقرار رهي. ڪائونسل ۾ جاگرافيائي نمائندگي ۾ توازن يقيني بڻائڻ لاءِ آفريقي ملڪن لاءِ 13، ايشيا پيسفڪ لاءِ 13 ، اوڀر يورپ لاءِ 6، لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين لاءِ 8 جڏهن ته اولهه يورپ ۽ ٻين ملڪن لاءِ 7 سيٽون مقرر آهن .

مزید خبریں