آمريڪي صدر پاران حوثين تي چونڊن کان اڳ تيل جا اگهه وڌائڻ جو الزام، اها ڳالهه ڪڏهن به نه وساريندس: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن -14 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يمن جي حوثين تي الزام لڳايو آهي ته هو اسان جي وچين مدي وارين چونڊن کان اڳ ڄاڻي واڻي تيل جا اگهه وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ بيان ۾ صدر ٽرمپ خبردار ڪيو ته هو سعودي عرب تي ٿيل حوثين جي حملن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندو. هن اهو به واضح ڪيو ته سندس تنبيهه …

واشنگٽن -14 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يمن جي حوثين تي الزام لڳايو آهي ته هو اسان جي وچين مدي وارين چونڊن کان اڳ ڄاڻي واڻي تيل جا اگهه وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ بيان ۾ صدر ٽرمپ خبردار ڪيو ته هو سعودي عرب تي ٿيل حوثين جي حملن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندو. هن اهو به واضح ڪيو ته سندس تنبيهه رڳو ٽي نومبر تائين ٿيندڙ وچولي مدي وارين چونڊن تائين محدود نه هوندي، مان چونڊن کان پوءِ به موجود رهندس ۽ اهو ڪڏهن به نه وساريندس. صدر ٽرمپ جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن علائقي ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ سبب تڪرار وڌيڪ پکڙجي رهيو آهي.

مزید خبریں