لداخ جي 28 هنڌن ۽ جاگرافيائي خطن کي نوان نالا ڏيڻ جا ڀارتي قدم غيرقانوني ۽ قبولڻ جوڳا ناهن: چين

بيجنگ -14 آڪٽوبر (اي پي پي) چين هڪ ڀيرو ٻيهر لداخ بابت ڀارتي قدمن تي اعتراض واريندي چيو آهي، ته سال 2019ع ۾ قائم ڪيل ڀارتي مرڪز جي انتظام هيٺ لداخ کي تسليم نٿو ڪري. پرڏيهي ميڊيا مطابق بيجنگ ۾ پريس بريفنگ دوران چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڀارت جي ان تازي فيصلي تي به تنقيد ڪئي جنهن تحت لداخ جي 28 هنڌن ۽ جاگرافيائي خطن کي باضابطا طور …

بيجنگ -14 آڪٽوبر (اي پي پي) چين هڪ ڀيرو ٻيهر لداخ بابت ڀارتي قدمن تي اعتراض واريندي چيو آهي، ته سال 2019ع ۾ قائم ڪيل ڀارتي مرڪز جي انتظام هيٺ لداخ کي تسليم نٿو ڪري. پرڏيهي ميڊيا مطابق بيجنگ ۾ پريس بريفنگ دوران چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڀارت جي ان تازي فيصلي تي به تنقيد ڪئي جنهن تحت لداخ جي 28 هنڌن ۽ جاگرافيائي خطن کي باضابطا طور نوان نالا ڏنا ويا آهن. چين جي ترجمان اهو بيان هڪ سوال جي جواب ۾ ڏئي رهيو هو، جنهن ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير پاران انهن هنڌن کي سرڪاري نقشن ۾ شامل ڪرڻ جو حوالو ڏنو ويو هو. چين جي دعويٰ آهي ته انهن ۾ ڪجهه اهڙا علائقا به شامل آهن جيڪي تڪراري آهن يا چين جي ڪنٽرول ۾ آهن. ڀارتي گهرو وزارت 2 آڪٽوبر تي جن هنڌن  جا نالا سرڪاري طور داخل ڪيا آهن انهن ۾ گوگرا اورهاٽ سپرنگز جا علائقا به شامل آهن، اهي ٻئي هنڌ 2020ع ۾ ڀارت ۽ چين وچ ۾ سرحدي ڇڪتاڻ ۽ فوجي ٽڪراءَ جا اهم مرڪز رهيا آهن. ايڪچوئل لائين آف ڪنٽرول (ايل اي سي) ويجهو واقع اهي علائقا انڊين فوج جي گشت ۽ عسڪري سرگرمين جي حوالي سان خاص اهميت رکن ٿا، انهن ۾ چاپ ڇينگل دره، ڪنشڪا چوٽي، پرپيڪ گليشيئر، ڪرون پير پهاڙ، عليشا گيري، شيڪميريڪ دره، شڪورگا وادي،  زوار آور چوٽي ۽ دراڪارپو سميت ڪيترائي جاگرافيائي هنڌ به شامل آهن.

مزید خبریں