زينگ چين وين چائنا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي تاريخ لکي ڇڏي، هوم گرائونڊ تي پهريون وومينز سنگلز ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو

بيجنگ- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي اسٽار ٽينس رانديگرياڻي ۽ اولمپڪ چيمپيئن زينگ چين وين چائنا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو. پرڏيهي ميڊيا مطابق 24 سالن جي ميزبان ٽينس اسٽار زينگ چين وين عورتن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ۾ 19 ساله مخالف ميراندريو کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 0-2 تان شڪست ڏئي چائنا اوپن جو وومينز سنگلز ٽائٽل کٽي ورتو آهي. هو ڊائمنڊ ڪورٽ تي اهو اعزاز حاصل …

بيجنگ- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي اسٽار ٽينس رانديگرياڻي ۽ اولمپڪ چيمپيئن زينگ چين وين چائنا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو. پرڏيهي ميڊيا مطابق 24 سالن جي ميزبان ٽينس اسٽار زينگ چين وين عورتن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ۾ 19 ساله مخالف ميراندريو کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 0-2 تان شڪست ڏئي چائنا اوپن جو وومينز سنگلز ٽائٽل کٽي ورتو آهي. هو ڊائمنڊ ڪورٽ تي اهو اعزاز حاصل ڪندڙ پهرين چيني رانديگرياڻي بڻجي وئي آهي جڏهن ته اهو سندس ڪيريئر جو پهريون ڊبليو ٽي اي 1000 ٽائٽل به آهي. ٺونٺ جي سرجري۽ ڊگهي عرصي تائين راند کان پري رهڻ بعد واپسي تي هن بهترين راند جو مظاهرو ڪيو ۽ مسلسل 7 ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي هوم ڪرائوڊ آڏو تاريخ لکي ڇڏي. ڊبليو ٽي اي چائنا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جا انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا چين جي گادي واري شهر بيجنگ جي قومي ٽينس سينٽر ۾ جاري آهن، جن ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ 24 ساله ميزبان ٽينس اسٽار زينگ چين وين انتهائي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 19 ورهين جي مخالف روس جي رانديگرياڻي ميراندريوا کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 5-7 ۽ 4-6 تائن شڪست ڏئي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

مزید خبریں