گهرو وزير محسن نقوي پاران اتر وزيرستان ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-08 (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوراج خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب هن چئن اهم ڪمانڊرن سميت 9 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي فورسز جي عزم، بهادري ۽ اعليٰ پيشيوراڻين صلاحيتن جي تعريف ڪئي . گهرو وزير  محسن نقوي پنهنجي بيان ۾ چيو ته …

اسلام آباد-08 (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوراج خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب هن چئن اهم ڪمانڊرن سميت 9 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي فورسز جي عزم، بهادري ۽ اعليٰ پيشيوراڻين صلاحيتن جي تعريف ڪئي . گهرو وزير  محسن نقوي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ” عزم استحڪام“ ويزن تحت دهشتگردن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروايون جاري رهنديون ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون.. محسن نقوي چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پوري قوم بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.