فٽ بال جي عظيم دور جي پُڄاڻي، ليونل ميسي آخري ميچ ۾ يادگار گول ڪري ڳوڙهن سان عالمي فٽ بال کي الوداع ڪري ڇڏيو

بيونس آئرس- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) ارجنٽائن جي عالمي طور مشهور فٽ بالر 39 سالن جي ليونل ميسي پنهنجي آخري ميچ ۾ يادگار گول ڪرڻ کانپوءِ  ڳوڙهن سان 21 سالن جي فٽ بال واري ڪيريئر کان پوءِ  عالمي فٽ بال کي الوداع چوندي انٽرنيشنل فٽ بال تان رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي. ميڊيا رپورٽن موجب بيونس آئرس ۾ بينن خلاف کيڏيل 208 هين ۽ آخري ميچ ۾ 39 سالن جي ميسي …

بيونس آئرس- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) ارجنٽائن جي عالمي طور مشهور فٽ بالر 39 سالن جي ليونل ميسي پنهنجي آخري ميچ ۾ يادگار گول ڪرڻ کانپوءِ  ڳوڙهن سان 21 سالن جي فٽ بال واري ڪيريئر کان پوءِ  عالمي فٽ بال کي الوداع چوندي انٽرنيشنل فٽ بال تان رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي. ميڊيا رپورٽن موجب بيونس آئرس ۾ بينن خلاف کيڏيل 208 هين ۽ آخري ميچ ۾ 39 سالن جي ميسي شاندار ڪارڪدگي جو مظاهرو ڪري 1 گول اسڪور ڪيو ۽ ٻن ۾ مدد ڪئي جنهن کانپوءِ ارجنٽائن 0-3 تان شڪست حاصل ڪئي. 85  هزار کان وڌيڪ مداحن ۽ تماشائين سان ڀريل اسٽيڊيم ۾ مداحن ۽ رانديگرن ميسي کي جذباتي انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪيو. هنن آخري ميچ کي يادگار بڻائڻ لاءِ نعرا پڻ لڳايا. ميچ جي پڄاڻي تي ليونل ميسي جذباتي انداز ۾ خطاب ڪندي چيو ته ارجنٽائن جي قومي ٽيم لاءِ کيڏڻ سندس زندگي جو خوبصورت وقت هو. هن چيو ته هو قومي ٽيم جي شرٽ ۽ مداحن کي تمام گهڻو ياد ڪندو ۽ هاڻي ٽيم جي حمايت لاءِ هميشه موجوده رهندو.

مزید خبریں