اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشمير چوڪ انڊر پاس منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي، اهو منصوبو هڪ ارب 45 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان هڪ مهيني ۾ مڪمل ٿيندو. اڱاري ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. کيس ڪشمير چوڪ انڊر پاس منصوبي بابت بريفنگ ڏني وئي. منصوبي تحت هتي ٽڻ ڦاڪن وارو انڊر پاس ٺاهيو …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشمير چوڪ انڊر پاس منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشمير چوڪ انڊر پاس منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي، اهو منصوبو هڪ ارب 45 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان هڪ مهيني ۾ مڪمل ٿيندو. اڱاري ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. کيس ڪشمير چوڪ انڊر پاس منصوبي بابت بريفنگ ڏني وئي. منصوبي تحت هتي ٽڻ ڦاڪن وارو انڊر پاس ٺاهيو ويندو. هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان فيض آباد، بهاره ڪهو، مري ۽ آزاد ڪشمير کان ٽريفڪ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي روان دوان رهندي. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پارلياماني معاملن جو وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، مملڪتي وزير طلال چوڌري پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ان موقعي تي پاڪستان جو قومي ترانو وڄايو ويو.











