گڏيل قومون- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن شديد انساني ضرورتن کي منهن ڏيندڙ 12 ملڪن ۽ علائقن ۾ زندگي بچائڻ واري امداد جي فراهمي لاءِ 16 ڪروڙ ڊالر جي هنگامي فنڊنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطه آفيس (او سي ايچ اي) مطابق مرڪزي هنگامي ردعمل فنڊ مان جاري ٿيل رقم مان 15 ڪروڙ ڊالر افغانستان، برڪينافاسو، ڪيمرون، چاڊ، ڪيوبا، …
گڏيل قومن پاران بحران جو شڪار 12 ملڪن ۽ علائقن لاءِ 16 ڪروڙ ڊالر جي هنگامي امداد جو اعلان

مزید خبریں
گڏيل قومون- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن شديد انساني ضرورتن کي منهن ڏيندڙ 12 ملڪن ۽ علائقن ۾ زندگي بچائڻ واري امداد جي فراهمي لاءِ 16 ڪروڙ ڊالر جي هنگامي فنڊنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطه آفيس (او سي ايچ اي) مطابق مرڪزي هنگامي ردعمل فنڊ مان جاري ٿيل رقم مان 15 ڪروڙ ڊالر افغانستان، برڪينافاسو، ڪيمرون، چاڊ، ڪيوبا، مالي، نائيجر، والاريل فلسطيني علائقي، صوماليا، ڏکڻ سوڊان ۽ يمن لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن. او سي ايچ اي ٻڌايو ته وڌيڪ هڪ ڪروڙ ڊالر انهن 12 انساني بحرانن سبب معذور ماڻهن جون فوري ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ امداد کي وڌيڪ پهچ جوڳو ۽ جامع بڻائڻ لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن. گڏيل قومن مطابق اها فنڊنگ هلندڙ سال شديد ترين انساني ضرورتن کي منهن ڏيندڙ 8 ڪروڙ 70 لک ماڻهن تائين امداد پهچائڻ جي وسيع تر ڪوششن جو حصو آهي.











