لاڙڪاڻو -01 آڪٽوبر(اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا پوليس مقابلي ۾ ھڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ھٿيار هٿ ڪيا آهن. پوليس ترجمان موجب رحمتپور ٿاڻي جي حد پير مراد شاهه واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ۽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڌاڙيل آمھون سامھون ٿي پيا، مقابلي دوران ٻه طرفي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ 30 بور پسٽل سميت گرفتار …
لاڙڪاڻو پوليس پاران مبينا پوليس مقابلو، ھڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار، ھٿيار هٿ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو -01 آڪٽوبر(اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا پوليس مقابلي ۾ ھڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ھٿيار هٿ ڪيا آهن. پوليس ترجمان موجب رحمتپور ٿاڻي جي حد پير مراد شاهه واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ۽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڌاڙيل آمھون سامھون ٿي پيا، مقابلي دوران ٻه طرفي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ 30 بور پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي،زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيل جي سڃاڻپ رتوديرو جي رھواسي سعيد جلباڻي جي طور ٿي آهي،شروعاتي جاچ ۽ حاصل ٿيل معلومات موجب ڄاڻايل ڌاڙيل لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سنگين ڏوهن ۽ ڪيسن ۾ ملوث آهي،فرار ٿيل ڌاڙيلن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس پاران سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.











