ڄامشورو- 30 سيپٽمبر(اي پي پي)لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (لمس) ڄامشورو ۾ جديد، ڪاغذ کان پاڪ ۽ ڪمپيوٽر ذريعي امتحاني نظام جو باقاعده آغاز ڪيو ويو آهي. يونيورسٽي انتظاميا موجب جديد نظام جو مقصد طبي امتحانن ۾ شفافيت، ميرٽ، محفوظ امتحاني عمل ۽ نتيجن جي بروقت تياري کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ آهي. سنڌ حڪومت جي پاليسي ۽ لمس جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ جي هدايتن جي …
لمس ڄامشورو ۾ جديد ڊجيٽل امتحاني نظام شروع

مزید خبریں
ڄامشورو- 30 سيپٽمبر(اي پي پي)لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (لمس) ڄامشورو ۾ جديد، ڪاغذ کان پاڪ ۽ ڪمپيوٽر ذريعي امتحاني نظام جو باقاعده آغاز ڪيو ويو آهي. يونيورسٽي انتظاميا موجب جديد نظام جو مقصد طبي امتحانن ۾ شفافيت، ميرٽ، محفوظ امتحاني عمل ۽ نتيجن جي بروقت تياري کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ آهي. سنڌ حڪومت جي پاليسي ۽ لمس جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ جي هدايتن جي روشنيءَ ۾ قائم ڪيل جديد امتحاني نظام کي طبي تعليم کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ويو آهي. يونيورسٽي انتظاميا موجب ڄامشورو سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ قائم امتحاني مرڪزن کي مرڪزي نظام سان ڳنڍيو ويو آهي، جڏهن ته امتحاني عمل جي نگراني لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي پئي وڃي. امتحاني مواد ۽ شاگردن جي انگن اکرن جي تحفظ لاءِ محفوظ نيٽ ورڪ ۽ مخصوص ڪمپيوٽر نظام استعمال ڪيا پيا وڃن.لمس ۾ او ايس پي اي ۽ ڪمپيوٽر ذريعي امتحانن جي ذريعي شاگردن جي علمي ۽ عملي صلاحيتن جو جائزو ورتو پيو وڃي. شاگردن ۽ استادن جديد امتحاني نظام کي آسان، اثرائتو ۽ وقت بچائيندڙ قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ان سان امتحاني عمل ۾ شفافيت ۽ غيرجانبداري کي وڌيڪ هٿي ملندي. يونيورسٽي انتظاميا موجب ڊجيٽل امتحاني نظام سان امتحانن منعقد ڪرڻ، نگراني، ڊيٽا جي تحفظ ۽ نتيجن جي تياري واري عمل کي وڌيڪ منظم ۽ مؤثر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.











