پشاور- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، ٽانڪ ۾ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن تي فائرنگ جي واقعي جي شديد مذمت ڪندي اعليٰ اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق فيصل ڪريم ڪنڊي، ٽانڪ جي وزيرآباد ۾ ٽريفڪ پوليس جي گاڏي تي دهشتگردن جي حملي ۾ 3 اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪندي سندن گهر ڀاتين ۽ ساٿين سان همدردي …
فيصل ڪريم ڪنڊي پاران ٽانڪ ۾ ٽريفڪ پوليس جي اهلڪارن تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت

مزید خبریں
پشاور- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، ٽانڪ ۾ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن تي فائرنگ جي واقعي جي شديد مذمت ڪندي اعليٰ اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق فيصل ڪريم ڪنڊي، ٽانڪ جي وزيرآباد ۾ ٽريفڪ پوليس جي گاڏي تي دهشتگردن جي حملي ۾ 3 اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪندي سندن گهر ڀاتين ۽ ساٿين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. هن، زخمين کي هر ممڪن طبي امداد جي فراهمي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪندي انهن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.











