لاڙڪاڻي ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان پاران هلندڙ ڊرامه فيسٽيول پڄاڻي تي پهتو

لاڙڪاڻو- 28 سيپٽمبر (اي پي پي)لاڙڪاڻي ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۾ هلندڙ ڊرامه فيسٽيول گذريل رات پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، جنهن دوران فيسٽيول جو 10 هون ۽ آخري ڊرامو جنين ڪاڻ جياس پيش ڪيو ويو، جنهن جو ليکڪ افق بشير چنو ۽ ڊائريڪٽر ستار لاڙ هيو، جڏهن ته اداڪارن ۾ امجد گل سومرو، عاشق دايو، ريما ناز، جاويد شيخ، زيب سنڌي ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. …

لاڙڪاڻو- 28 سيپٽمبر (اي پي پي)لاڙڪاڻي ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۾ هلندڙ ڊرامه فيسٽيول گذريل رات پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، جنهن دوران فيسٽيول جو 10 هون ۽ آخري ڊرامو جنين ڪاڻ جياس پيش ڪيو ويو، جنهن جو ليکڪ افق بشير چنو ۽ ڊائريڪٽر ستار لاڙ هيو، جڏهن ته اداڪارن ۾ امجد گل سومرو، عاشق دايو، ريما ناز، جاويد شيخ، زيب سنڌي ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڊرامه فيسٽيول جي اختتامي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ مهمان خاص طور پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال شرڪت ڪئي، جڏهن ته تقريب ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي نائب صدر نديم اڪبر سيال، سيڪريٽري حنيف سهاڳ، فنانس سيڪريٽري عبدالنبي ساريو، چيئرمين ڊرامه علي روشن شيخ، چيئرمين پريس ۽ پبلشي سيد جاويد شاھ، چيئرمين فوٽو گرافي نديم اختر سومرو، نصير محمد کهاوڙ، عرفان عباسي، آصف بلوچ، پ پ پ اڳواڻ عبدالقادر اهير، الطاف ملگاڻي سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي پي پي پي اڳواڻ ۽ تقريب جي مهمان خاص طارق انور سيال چيو ته آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو شهرين لاءِ پيپلز پارٽي جي قيادت پاران ڏنل هڪ انمول تحفو آهي، جڏهن ته هن اداري ۾ اهڙي ٻوسٽ واري ماحول ۾ لاڙڪاڻي جي شهرين کي شاندار تفريح مهيا ڪئي وڃي ٿي، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي. هن چيو ته آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي ترقي لاءِ اسان ڪوششون ڪري سنڌ حڪومت کان اڃان به وڌيڪ فنڊس وٺي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، ڇاڪاڻ جو هي ادارو فنڪارن، اداڪان، شاعرن، اديبن، ليکڪن سميت اسان سڀني شهرين جو ادارو آهي.

مزید خبریں