اي ايس پي نئون ديرو جي سربراهي ۾ ڪارروائي، ناهيد ککراڻي قتل ڪيس جو مرڪزي جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان جي قيادت ۽ اي ايس پي رتوديرو/نئوديرو سيد حيدر علي شاهه جي نگراني ۾ لاڙڪاڻو پوليس ڪجهه ئي ڪلاڪن اندر 35 ورهين جي ناهيد ککراڻي قتل ڪيس جو سراغ لڳائي ورتو. قتل ۾ ملوث مقتول عورت جي ڏير ۽ مرڪزي جوابدار راجا ککراڻي کي واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو. لاڳاپيل ٿاڻي ڪيٽي ممتاز تي …

لاڙڪاڻو- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان جي قيادت ۽ اي ايس پي رتوديرو/نئوديرو سيد حيدر علي شاهه جي نگراني ۾ لاڙڪاڻو پوليس ڪجهه ئي ڪلاڪن اندر 35 ورهين جي ناهيد ککراڻي قتل ڪيس جو سراغ لڳائي ورتو. قتل ۾ ملوث مقتول عورت جي ڏير ۽ مرڪزي جوابدار راجا ککراڻي کي واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو. لاڳاپيل ٿاڻي ڪيٽي ممتاز تي پوليس جي فرياد ۾ ڪيس نمبر 18/2026 قلم 302، 311، 34 پي پي سي تحت داخل ڪيو ويو آهي. شروعاتي جاچ دوران جوابدار مقتولا کي ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. جوابدار کان جاچ سميت وڌيڪ قانوني ۽ ضابطي جون ڪارروايون جاري آهن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان پاران پيشيوراڻي مهارت ۽ بھترين ڪارڪردگي تي اي ايس پي سيد حيدر علي شاهه ۽ سندس ٽيم لاءِ تعريفي ليٽر جاري ڪيو ويو آهي.