عالمي مارڪيٽن ۾ ڪچو تيل مهانگو، سون ۽ چاندي سستي

اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ سومر ڏينهن هفتي جي شروعات تي ڪچي تيل جي اگهن ۾ اضافو، جڏهن ته سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي، زرعي جنسن جي اگهن ۾ گڏيل رجحان رهيو. بلومبرگ جي رپورٽ موجب آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جي سودن جي قيمت ۾ 1.64 ڊالر جو اضافو ٿيو ۽ قيمت 94.05 ڊالر في …

اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ سومر ڏينهن هفتي جي شروعات تي ڪچي تيل جي اگهن ۾ اضافو، جڏهن ته سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي، زرعي جنسن جي اگهن ۾ گڏيل رجحان رهيو. بلومبرگ جي رپورٽ موجب آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جي سودن جي قيمت ۾ 1.64 ڊالر جو اضافو ٿيو ۽ قيمت 94.05 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي. برينٽ ڪروڊ جي مستقبل جا سودا 2.68 ڊالر اضافي کانپوءِ 107 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. سون جي قيمت ۾ 88.58 في ڊالر اونس جي گهٽتائي ٿي، جنهن کانپوءِ سون جي قيمت4196.23 ڊالر في اونس رڪارڊ ڪئي وئي. اهڙي طرح چاندي جي قيمت 2.44 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 62.37 ڊالر في اونس رهي. زرعي جنسن ۾ مڪئي جي قيمت 4 ڊالر جي لاٿ سان 524.25 ڊالر في بشل، جڏهن ته ڪڻڪ جي قيمت 5.50 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 697.75 ڊالر في بشل رڪارڊ ڪئي وئي. ان جي ابتڙ ڪپهه جي قيمت ۾ 0.92 ڊالر ۽ زنده مال جي قيمت ۾ 1.05 ڊالر جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.