بلغراد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي)سربيا جي صدر اليگزينڊر ووچچ پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن پريس ڪانفرنس دوران استعفيٰ تي صحيحيون ڪيون ۽ ان کي پارليامينٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. سربيا جي آئين ۽ صدارتي قانون تحت صدر جي استعفيٰ قومي اسمبلي کي لکت ۾ ملندي ئي عهدو ختم ٿي ويندو آهي ۽ ان لاءِ پارليامينٽ جي منظوري گهربل ناهي هوندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر …
سربيا جي صدر اليگزينڊر ووچچ استعفيٰ ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
بلغراد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي)سربيا جي صدر اليگزينڊر ووچچ پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن پريس ڪانفرنس دوران استعفيٰ تي صحيحيون ڪيون ۽ ان کي پارليامينٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. سربيا جي آئين ۽ صدارتي قانون تحت صدر جي استعفيٰ قومي اسمبلي کي لکت ۾ ملندي ئي عهدو ختم ٿي ويندو آهي ۽ ان لاءِ پارليامينٽ جي منظوري گهربل ناهي هوندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر انابرنابچ عارضي طور صدارتي ذميواريون سنڀاليندي. هو وڌ کان وڌ ٽن مهينن تائين اهي ذميواريون انجام ڏئي سگهي ٿي ۽ ان ئي مدي دوران صدارتي چونڊون ڪرائڻيون پونديون. اليگزينڊر ووچچ چيو ته هو 25 آڪٽوبر تي وقت کان اڳ ٿيندڙ پارلياماني چونڊن ۾ هڪ عام شهري جي حيثيت سان حصو وٺندو. واضح رهي ته سربيا جي پارليامينٽ 9 سيپٽمبر تي ختم ڪئي وئي هئي. آئين تحت ختم ڪيل پارليامينٽ جا اختيار محدود هوندا آهن، جڏهن ته نئين حڪومت جي جوڙجڪ تائين موجوده حڪومت پنهنجون ذميواريو انجام ڏيندي رهندي آهي.










