گڏيل قومون- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي مباحثي ۾ خطاب ڪندڙ اڪثر تقرير ڪندڙن عالمي ۽ علائقائي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ بين الاقوامي سهڪار وڌائڻ تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جنرل اسيمبلي جي مباحثي ۾ 194 تقرير ڪندڙن پنهنجا خيال پيش ڪيا، جن ۾ گهڻ رخي سفارتڪاري، سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن ۽ مصنوعي ذهانت جي ترقي ۽ امڪاني ضابطه ڪاري سميت …
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ علائقائي مسئلن جي حل لاءِ سهڪار تي زور

مزید خبریں
گڏيل قومون- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي مباحثي ۾ خطاب ڪندڙ اڪثر تقرير ڪندڙن عالمي ۽ علائقائي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ بين الاقوامي سهڪار وڌائڻ تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جنرل اسيمبلي جي مباحثي ۾ 194 تقرير ڪندڙن پنهنجا خيال پيش ڪيا، جن ۾ گهڻ رخي سفارتڪاري، سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن ۽ مصنوعي ذهانت جي ترقي ۽ امڪاني ضابطه ڪاري سميت مختلف عالمي معاملا بحث هيٺ آيا. علائقائي مسئلن سان گڏوگڏ پاڻي جي بحران تي به خاص ڌيان رهيو. مائيڪرونيشيا جي نائب صدر آرن پالڪ چيو ته ملڪ ۾ سامونڊي جيوت ۽ مڇرن سميت ٻين جاندارن مان منقتل ٿيندڙ بيمارين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب صحت جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو پيو وڃي. هن سامونڊي حڪمراني، پائيدار ماهيگيري ۽ سامونڊي حياتياتي واڌ ويجهه جي موثر تحفظ لاءِ عالمي سهڪار تي زور ڀريو. هن چيو ته پلاسٽڪ جو گدلاڻ ماٺي سمنڊ جي ماحولياتي نظام ۽ اتي جي آبادين لاءِ خطرو آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سياسي عزم، مالي وسيلن ۽ عملي قدمن ۾ تيزي آڻڻ جي ضرورت آهي. ڪيپ وردي جي وزيراعظم فرانسسڪو ڪاروالهو چيو ته ننڍن ٻيٽ رياستن لاءِ موسمياتي بحران مستقبل جو نه پر موجوده خطرو آهي. هن سوڪهڙي، ريگستاني ڦهلاءُ، پاڻي جي کوٽ، سامونڊي تيزابيت ۽ سمنڊ جي سطح ۾ اضافي کي سنگين مسئلا قرار ڏنو. تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين محي الدين پاڻي کي پنهنجي ملڪ جي عالمي ترجيحن ۾ مرڪزي حيثيت حاصل هجڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته جابلو ملڪ هجڻ سبب تاجڪستان پاڻي جي اهميت ۽ ان جي حساسيت کان چڳي ريت آگاهه آهي. ڪيوبا جي پرڏيهي وزير برونو روڊريگيز پاريلا آمريڪا تي پنهنجي ملڪ خلاف ڊگهي مدي وارين اقتصادي پابندين ۽ ٻين قدمن جو الزام لڳايو، جڏهن ته ڪمبوڊيا جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پراڪ سوکون آن لائين فراڊ خلاف عالمي، علائقائي ۽ قومي سطح تي مربوط ڪارروائي تي زور ڀريو. لائوس جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ٿونگاوان ڦوم ويهاني جنگي دور جي نه ڦاٽل بارودي مادي جي خاتمي کي ملڪي ترقي لاءِ اهم قرار ڏيندي چيو ته ان سان نه رڳو شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو پر زرعي زمين کي به محفوظ بڻائي ترقي جا نوان موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا.










