يوڪرين روس جي آئل ريفائنرين تي حملا گهٽائڻ تي رضامند آهي: آمريڪا جو صدر

واشنگٽن- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هن يوڪرين جي صدر ولوديمير زيلنسڪي سان روس جي ٻارڻ ۽ توانائي جي شعبي خاص طور تي آئل ريفائنرين تي حملا گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن تي زيلنسڪي ايئن ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ترمپ پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي روس جي ريفائنرين تي حملن جي حوالي سان چيو ته زيلنسڪي سان ڳالهائڻ دوران …

واشنگٽن- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هن يوڪرين جي صدر ولوديمير زيلنسڪي سان روس جي ٻارڻ ۽ توانائي جي شعبي خاص طور تي آئل ريفائنرين تي حملا گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن تي زيلنسڪي ايئن ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ترمپ پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي روس جي ريفائنرين تي حملن جي حوالي سان چيو ته زيلنسڪي سان ڳالهائڻ دوران هن روس جي آئل ريفائنرين کي نشانو بڻائڻ ۾ ”ڪجهه نرمي“ ڪرڻ جو چيو. آمريڪا صدر مطابق يوڪرين جواب ڏنو ته امڪاني طور ايئن ڪندو.