ڪوئيٽا- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي پاڪ بحريه ۽ ان جي قيادت کي نئين شامل ڪيل آبدوز پي اين ايس / ايم هنگور جي پهرين ڪامياب سڌي ريت هٿيارن جي تجربي جي مبارڪ ڏيندي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر ڏينهن هتي جاري بيان ۾ وڏي وزير چيو ته اينٽي شپ ڪروز ميزائل ذريعي ڊگهي فاصلي تي موجود هدف کي درستگي سان نشانو …
بلوچستان جي وڏي وزير پاران پاڪ بحريه جي قيادت کي آبدوز پي اين ايس / ايم هنگور جي پهرين ڪامياب هٿيارن جي تجربي تي مبارڪ

مزید خبریں
ڪوئيٽا- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي پاڪ بحريه ۽ ان جي قيادت کي نئين شامل ڪيل آبدوز پي اين ايس / ايم هنگور جي پهرين ڪامياب سڌي ريت هٿيارن جي تجربي جي مبارڪ ڏيندي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر ڏينهن هتي جاري بيان ۾ وڏي وزير چيو ته اينٽي شپ ڪروز ميزائل ذريعي ڊگهي فاصلي تي موجود هدف کي درستگي سان نشانو بڻائڻ پاڪ بحريه جي آبدوز فورس جي غير معمولي آپريشنل تيارري، پيشيوراڻي مهارت ۽ بلند جنگي صلاحيت جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ملڪ جي دفاع ۽ قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ هر طرح جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، پاڪ بحريه جي جديد آبدوز جي ڪامياب هٿيارن جي فائرنگ ملڪ جي دفاعي صلاحيت ۽ پيشيوراڻي تياري جي عڪاسي آهي. هن چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ۽ پي اين ايس / ايم هنگور جي شموليت ۽ آپريشنلائزيشن جي عمل سان واڳيل سمورن آفيسرن، اهلڪارن ۽ عملي جي پيشيوراڻي ڪارڪردگي کي به ساراهيو. هن پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته قوم کي پنهنجي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ وطن جي دفاع لاءِ سندن خدمتن تي فخر آهي.











