پاڪستان ٽوڙڻ جي ڪا به سازش ڪامياب نه ٿيندي: مير سرفراز بگٽي

ڪوئيٽا-24 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ بغاوت ناهي، پر ڪجهه عنصر شناخت جي بنياد تي عليحدگي جي سوچ کي هٿي ڏئي رهيا آهن، اهڙا عنصر پاڪستان کي ڪيڪ وانگر ورهائڻ چاهين ٿا، جڏهن ته پاڪستان کي ٽوڙڻ جي ڪا به سازش ڪامياب نه ٿيندي. اهڙو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ 21 هين نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب …

ڪوئيٽا-24 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ بغاوت ناهي، پر ڪجهه عنصر شناخت جي بنياد تي عليحدگي جي سوچ کي هٿي ڏئي رهيا آهن، اهڙا عنصر پاڪستان کي ڪيڪ وانگر ورهائڻ چاهين ٿا، جڏهن ته پاڪستان کي ٽوڙڻ جي ڪا به سازش ڪامياب نه ٿيندي. اهڙو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ 21 هين نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچ نوجوانن کي هڪ لاحاصل جنگ طرف ڌڪيو پيو وڃي، جنهن سان نه بلوچستان جي نوجوانن کي ڪجهه حاصل ٿيندو ۽ نه ئي صوبي جي مستقبل کي ڪو فائدو پهچندو. هن چيو ته غير متوازن ترقي ۽ محرومي کي بلوچستان ۾ بدامني جو مرڪزي سبب قرار ڏيڻ درست ناهي. ڇاڪاڻ ته غير متوازن ترقي جو مسئلو پاڪستان سميت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ موجود آهي. جڏهن ته ترقي لاءِ ڪٿي بندوق نٿي کنئي وڃي ۽ نه ئي ڪٿي ايئن رت وهايو ويندو آهي، هن نوجوانن تي زور ڀريو ته هو حقن ۽ تصور ۾ فرق کي سمجهن ۽ پنهنجي صوبي جي درست تاريخ کان آگاهي حاصل ڪن. هن چيو ته پرڏيهه ۾ ويٺل پاڪستان مخالف ڌريون منظم پروپيگنڊا ذريعي نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيون آهن، ان لاءِ نوجوان تعليم، ترقي ۽ روشن مستقبل تي ڌيان ڏين ۽ رياست مخالف پروپيگنڊا جو حصو نه بڻجن.