نيشنل انڪيوبيشن سينٽر حيدرآباد ۾ شهر کي موٽرسائيڪل صنعت جو علائقائي صنعتي ڪلسٽر بڻائڻ، مقامي پيداواري صلاحيت وڌائڻ بابت اجلاس

حيدرآباد -24 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل انڪيوبيشن سينٽر حيدرآباد ۾ منعقد ٿيل اجلاس ۾ حيدرآباد جي موٽرسائيڪل تيار ڪندڙ صنعت کي مقامي ٽيڪنالاجي، فني مهارت ۽ سپلائرز جي مضبوط صلاحيتن تي ٻڌل خودڪفيل علائقائي صنعتي ڪلسٽر ۾ تبديل ڪرڻ تي زور ڀريو ويو آهي. اجلاس تحقيقي منصوبي ”مقامي سپلائرز جي پيداواري صلاحيت ۽ اسيمبلرز جي سيڙپڪاري جون سرگرميون حيدرآباد جي موٽرسائيڪل مينوفيڪچرنگ ڪلسٽر جا ثبوت“ تحت منعقد ڪيو ويو، …

حيدرآباد -24 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل انڪيوبيشن سينٽر حيدرآباد ۾ منعقد ٿيل اجلاس ۾ حيدرآباد جي موٽرسائيڪل تيار ڪندڙ صنعت کي مقامي ٽيڪنالاجي، فني مهارت ۽ سپلائرز جي مضبوط صلاحيتن تي ٻڌل خودڪفيل علائقائي صنعتي ڪلسٽر ۾ تبديل ڪرڻ تي زور ڀريو ويو آهي. اجلاس تحقيقي منصوبي ”مقامي سپلائرز جي پيداواري صلاحيت ۽ اسيمبلرز جي سيڙپڪاري جون سرگرميون حيدرآباد جي موٽرسائيڪل مينوفيڪچرنگ ڪلسٽر جا ثبوت“ تحت منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ صنعت، حڪومت، تعليمي ادارن ۽ آٽو موٽو انڊسٽري ايسوسيئيشنز جي نمائندن شرڪت ڪئي. منصوبي جي اڳواڻي مهراڻ يونيورسٽي انسٽيٽيوٽ آف سائنس، ٽيڪنالاجي اينڊ ڊولپمينٽ  جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر عفت بتول نقوي ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر واحد بخش منڱريو ۽ ڊاڪٽر مهوش خاصخيلي شريڪ محقق آهن. مهراڻ يونيورسٽي جي ترجمان پاران جاري ڪيل خبر موجب تحقيقي ٽيم ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر سيد عامر اقبال، انجنيئر وقاص صديقي صنعتي ماهر طور شامل آهن. اجلاس ۾ مسٽڊ  جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر آصف علي شاهه آجياڻو ڏنو، جڏهن ته ڊاڪٽر عفت بتول نقوي منصوبي جي مقصدن، تحقيقي مقصدن، پاليسي جي اهميت ۽ مقامي صنعتي صلاحيتن جي واڌاري لاءِ موٽرسائيڪل اسيمبلرز ۽ سپلائرز وچ ۾ رابطن جي اهميت بابت بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي صنعت ۽ واپار کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري مشتاق احمد شيخ، سنڌ انويسٽمينٽ ڊپارٽمينٽ جي سيڪشن آفيسر ساجد علي، مهراڻ يونيورسٽي جي مڪينيڪل انجنيئرنگ شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر تنوير حسين ۽ صنعتي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر واحد بخش منڱريو جي صدارت هيٺ ٿيل بحث ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته پاڪستان ۾ موجود موٽرسائيڪل مينوفيڪچرنگ جي صنعتي ڍانچي مان فائدو وٺندي انجنيئرنگ، ٽيڪنالاجي، فني مهارت ۽ مقامي سپلائرز جي پيداواري صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. شرڪت ڪندڙن خاص طور تي سپلائرز کي درپيش مالي وسيلن جي کوٽ، تربيت، گهربل معيارن ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي سميت مختلف مسئلن تي بحث ڪيو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ويو ته حيدرآباد جي موٽرسائيڪل مينيوفيڪچرنگ صنعت کي مقامي فني مهارت، ٽيڪنالاجي ۽ سپلائرز جي صلاحيتن جي بنياد تي هڪ خودڪفيل علائقائي صنعتي ڪلسٽر طور ترقي ڏني وڃي، جنهن سان صنعتي رابطن، علم ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ علائقائي معاشي ترقي کي هٿي ملي سگهي ٿي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ”ريجنل انڊسٽريل ڪلسٽر پاليسي“ جو حتمي مسودو آٽو انڊسٽري سان لاڳاپيل سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ ڊسمبر 2026ع ۾ منعقد ٿيندڙ پاليسي ڊائلاگ ۾ پيش ڪيو ويندو.