لاڙڪاڻو - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو جي صدارت هيٺ لاڙڪاڻو شهر مان غير قانوني حددخليون هٽائڻ واري عمل جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-1 لاڙڪاڻو، اسسٽنٽ ڪمشنرز، مختيارڪار، ميونسپل ڪمشنر لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن (ايل ايم سي سي) لاڙڪاڻو ۽ ٽائون ميونسپل ڪمشنرز (ٽي ايم سي) سچل، دڙي، حيدري ۽ امپائر …
ڊي سي لاڙڪاڻو جي صدارت ۾ شهر مان غير قانوني حددخليون هٽائڻ واري عمل جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو جي صدارت هيٺ لاڙڪاڻو شهر مان غير قانوني حددخليون هٽائڻ واري عمل جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-1 لاڙڪاڻو، اسسٽنٽ ڪمشنرز، مختيارڪار، ميونسپل ڪمشنر لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن (ايل ايم سي سي) لاڙڪاڻو ۽ ٽائون ميونسپل ڪمشنرز (ٽي ايم سي) سچل، دڙي، حيدري ۽ امپائر شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کي شهر مان غير قانوني حددخليون هٽائڻ واري عمل جي اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ايس ايس پي لاڙڪاڻو پڻ حددخلين خلاف مهم دوران پوليس پاران هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ بابت ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کي آگاهه ڪيو. اجلاس جي صدارت ڪندي ڊپٽي ڪمشنر اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو، ميونسپل ڪمشنر ايل ايم سي لاڙڪاڻو ۽ ٽائون ميونسپل ڪمشنرز کي هدايت ڪئي ته غير قانوني حد دخلين خلاف مهم روزانو جي بنيادن تي هلائي وڃي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو جي مدد لاءِ روزانو جي بنيادن تي افرادي قوت ۽ مشينري فراهم ڪئي وڃي.











