لاڙڪاڻو- 24 سيپٽمبر (اي پي پي) قمبر- شهدادڪوٽ پوليس منشيات فروشن خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي ٻن منشيات فروشن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان وڏي مقدار ۾ چرس ھٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ترجمان موجب ايس ايڇ او بي سيڪشن ٿاڻو شهدادڪوٽ انسپيڪٽر طفيل احمد احمداڻي گشت دوران ڳجهي اطلاع تي سجاول روڊ وٽ ڪارروائي ڪندي منشيات فروش ملزم عارف حسين مگسيءَ کي گرفتار ڪري ھڪ ڪلو …
قمبر-شهدادڪوٽ پوليس جون منشيات فروشن خلاف وڏي پئماني تي ڪارروائيُون،2 منشيات فروش گرفتار، وڏي مقدار ۾ چرس ھٿ، ڪيس داخل

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 24 سيپٽمبر (اي پي پي) قمبر- شهدادڪوٽ پوليس منشيات فروشن خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي ٻن منشيات فروشن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان وڏي مقدار ۾ چرس ھٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ترجمان موجب ايس ايڇ او بي سيڪشن ٿاڻو شهدادڪوٽ انسپيڪٽر طفيل احمد احمداڻي گشت دوران ڳجهي اطلاع تي سجاول روڊ وٽ ڪارروائي ڪندي منشيات فروش ملزم عارف حسين مگسيءَ کي گرفتار ڪري ھڪ ڪلو پنجاھ گرام چرس هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ٻي ڪارروائيءَ ۾ ايس ايڇ او ميروخان ٿاڻو انسپيڪٽر شفقت حسين قناصرو گشت دوران ميروخان کان پراڻو ٺارو روڊ وٽ ڪارروائي ڪندي منشيات فروش ملزم شاهنواز عرف شانو کوکر کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 250 گرام چرس ھٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. گرفتار ملزمن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.











